ميڊرڊ – 12 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??اڪ??تان حڪومت قدرتي، سماجي، ثقافتي ۽ ماحولياتي ورثي جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي پائيدار ترقي سان گڏوگڏ سياحت جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اها ڳالهه هن ميڊرڊ ۾ يو اين ورلڊ ٽوئرازم هيڊڪوارٽر ۾ يو اين ورلڊ ٽوئرازم آرگنائيزيشن جي جنرل سيڪريٽري سان ملاقات دوران چئي. يو اين ڊبليو ٽي او جي سيڪريٽري جنرل زوراب پولوليڪا شويلي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي آجيان ڪئي. اسپين ۾ ??اڪ??تا?? جو سفير شجاعت راٺور پڻ پرڏيهي وزير سان گڏ هو. پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل زوراب پولوليڪا شويلي کي ايندڙ چئن سالن جي مدي (2022ع کان 2025ع) جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سياحت جي فروغ ۽ ورثي جي تحفظ جي ڏس ۾ يو اين ڊبليو ٽي او جي موثر ڪردار کي ساراهيو. شاهه محمود قريشي چيو ته ريتيءَ وارن سمنڊن کان وٺي شڪوه جبلن تائين ??اڪ??تان ۾ ڪيتريون ئي سياحتي جايون موجود آهن. وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ ??اڪ??تان حڪومت سياحت جي فروغ جي حوالي سان 10 سالا روڊ ميپ تي عمل پيرا آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪ??تان حڪومت سياحن جي سهولت لاءِ اي ويزا جاري ڪرڻ سميت ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي، ??اڪ??تان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي ٽريول ايڊوائيزري تي نظرثاني ڪئي آهي. پرڏيهي وزير ??اڪ??تان ۾ سياحت جي شعبي جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ فني معاونت جي لاءِ يو اين ڊبليو ٽي او ٽيم جي مهارت مان فائدو کڻڻ جي اميد جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ??اڪ??تان حڪومت قدرتي، سماجي، ثقافتي ۽ ماحولياتي ورثي جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي پائيدار ترقي سان گڏوگڏ سياحت جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. پرڏيهي وزير يو اين ورلڊ ٽوئرازم آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل کي ماحولياتي انحطاط کي منهن ڏيڻ ۽ فطرت سان محبت ڪندڙن جي لاءِ سياحتي جاين کي محفوظ بن??ئڻ جي لاءِ وزيراعظم جي 10 بلين سونامي ٽري منصوبي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. يو اين ڊبليو ٽي او جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ??اڪ??تان ۾ ڪيتريون ئي جايون اهڙيون آهن جتي سياح?? جو ڌيان آهي، وڏي پئماني تي ڪورونا ويڪسي نيشن کانپوءِ سياحن جي چرپر ۾ بهتري متوقع آهي. يو اين ڊبليو ٽي او جي سيڪريٽري جنرل سياحت جي فروغ لاءِ ??اڪ??تان حڪومت پاران کنيل قدمن کي ساراهيندي سياحت جي فروغ جي لاءِ ڀرپور معاونت جي فراهمي جي خاطري ڪرائي.