اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي احساس ??رو??رام تحت فل??حي منصوبن بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماڻهن کي اندازو ئي ناهي ته ڪيترو وڏو ??رو??رام آهي، شفافيت تي ٻڌل اهو ??رو??رام سماجي فل??حي رياست جي ويزن طرف اهم قدم آهي، قومي اسيمبلي ميمبر ۽ ميڊيا ان فل??حي ??رو??رامن بابت معلومات حاصل ڪري عوام ۾ شعور اجاگر ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ون ونڊو احساس مرڪز جي سيون جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.
صدر جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي به ساڻس گڏ هئي، وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر صدر جي آجيان ڪئي ۽ کيس احساس جي ون اسٽاپ شاپ آپريشنز جي باري ۾ بريفنگ ڏني جيڪو 14 مختلف ٽارگيٽ گروپس لاءِ سمورن فائدن ۽ خدمتن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ٿي. بريفنگ دوران کيس ٻڌايو ويو ته هڪ جاءِ تي احساس جي سمورن فائدن ۽ خدمتن سان گڏ، ون ونڊو احسا?? سينٽر وسيلن سان گڏ مستحقين کي سهولت فراهم ڪندو آهي جنهن پهرين پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ ڪيترن ئي آفيسن ۾ وڃڻو پوندو هو، بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته انهن ??رو??رامن ۾ احساس ڪفالت ??رو??رام، احساس نشو ۽ نما ??رو??رام، احساس بنا و??اج جي قرض اسڪيم، لنگر خانه، پناهگاهن سميت ٻيا ??رو??رام شامل آهن. صدر وسيع پئماني تي ون ونڊو احساس خدمتن جو جائزو ورتو ۽ مستحقين سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اهو ڏسي خوشي ٿي آهي ته ان سهولت جي ذريعي احساس جي سمورين خدمتن تائين هڪ جامع طريقي سان پهچ حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ اهو هڪ فل??حي رياست جو حقيقي مظاهرو آهي، هن احساس جي سمورين خدمتن ۽ سهولتن جي هڪ ئي ڇت هيٺ انضمام کي ساراهيندي ان ڳالهه جي واکاڻ ڪئي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ضرورتمندن جي خدمت جي لاءِ سنگل ونڊو سروس تيار ڪئي وئي آهي، هن ڊاڪٽر ثانيه ۽ احساس جي ٽيم کي انتهائي ديانتداري ۽ شفافيت سان ڪيترائي احساس ??رو??رام هلائڻ تي مبارڪباد ڏني.
ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ماڻهن کي اندازو ئي ناهي ته ڪيترو وڏو ??رو??رام آهي ۽ هي غريب طبقن جي لاءِ ڪيتريون ئي آسانيون پيدا ڪري رهيو آهي، هن چيو ته احساس ??رو??رام جامع ??رو??رام آهي جنهن تحت ملڪ جي پوئتي پيل طبقن جي لاءِ تعليم، وظيفن سميت بهتري ۽ ترقي جي 20 جي لڳ ڀڳ ??رو??رام شروع ڪيا ويا آهن، هن چيو ته ڪورونا وبا جي دوران احساس ??رو??رام تحت احساس ڪفالت ??رو??رام شروع ڪيو ويو، اربين روپيا ڪمزور طبقن ۾ ورهايا ويا، ان ۾ ڪا به ڪرپشن سامهون ناهي آئي هي ڪرپشن کان پاڪ منصوبو آهي، هن چيو ته مهانگائي جو مسئلو آهي پر يوٽيلٽي اسٽورز تي ڪنٽرولڊ ريٽ تي اٽو، گيهه ۽ کنڊ فراهم ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته احساس ??رو??رام جي تحت غريب طبقن لاءِ ??رو??رام سماجي فل??حي رياست جي ويزن جي طرف اهم قدم آهي، ون ونڊو سينٽر وسيع درجي جون خدمتون پيش ڪندو آهي جنهن ۾ احساس ڪفالت، احساس ڪيش ادائيگي جي لاءِ حصيدار بئنڪن جي اي ٽي ايم مشينن، بايو ميٽرڪ تصديق جي لاءِ نادرا آفيس ۽ احساس اسڪول وظيفن، احساس نشونما، احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ، احساس بنا و??اج قرض احساس ڊجيٽل انٽرنيٽ ڪيفي، احساس لنگر، احساس تحفظ لاءِ ڊيسڪ کانسواءِ معذوري ماڻهن جي خدمتن جي لاءِ هڪ ڊيسڪ، ماڻهن کي پناهگاهن تائين وٺي وڃڻ لاءِ شٽل سروس، احساس راشن رعايت جي لاءِ احساس يوٽيليٽي اسٽور، مڪمل طور تي ليس ٽريننگ روم، سروي رجسٽريشن ڊيسڪ، عورتن جي لاءِ ريٽائرنگ روم، معلومات ۽ شڪايت جي ڊيسڪ ۽ ڪيتريون ئي ٻيو ڊيسڪون شامل آهن.