اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته دنيا ۾ مهانگائي جا اڳواڻا رڪارڊ ٽٽي چڪا آهن، ح??وم?? ڪوشش ڪري رهي آهي ته عالمي سطح تي مهانگائي جي لهر جو عوام تي گ??ٽ کان گهٽ اثر ٿئي، پنجاب ۾ ذخيرو اندوزن ۽ ٻي مافياز جي خلاف ڪارروايون سڀني جي سامهون آهن، سنڌ ح??وم?? هٿ تي هٿ رکي ويـٺل آهي ۽ عوام کي مافياز جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، اڳوڻي دور ۾ مريم صفدر پنهنجا ڪرتوت لڪائڻ لاءِ مي??يا سيل ڪنٽرول ڪندي رهي آهي، اسان جي حڪمت ۾ مي??يا آزاد آهي. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير، وزيراعظم جو نوجوانن بابت خاص مددگار عثمان ڊار سان گڏ مي??يا سان ڳالهائيندي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته سنڌ ح??وم?? مافياز جي ذريعي سان عوام جو استحصال ڪري رهي آهي، پنجاب ۾ 20 ڪلو اٽو 1100 جڏهن ته سنڌ ۾ 1500 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، مملڪتي وزير چيو ته سنڌ ح??وم?? عوام کي مافياز جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ يوريا ڀاڻ جي ذخيره اندو??ي ڪئي پئي وڃي، اربين روپين جي ڪڻڪ چوري ڪئي وئي ۽ سنڌ ح??وم?? معاملو ڪوئن تي وجهي ڇڏيو. فرخ حبيب چيو ته اڳوڻي دور ۾ مريم صفدر پنهنجا ڪرتوت لڪائڻ لاءِ مي??يا سال ڪنٽرول ڪندي رهي آهي تحريڪ انصاف جي ح??وم?? ۾ مي??يا کي آ??اد?? حاصل آهي. هن چيو ته مي??يا اسان تي تنقيد ڪندي آهي پر ڪڏهن اشتهار بند ناهن ڪيا، مملڪتي وزير چيو ته سنڌ ۾ تقريبن سڀ ترقياتي ڪم وفاق پاران ڪيا پيا وڃن، وزيراعظم عمران خان سنڌ جي عوام جي معاشي ترقي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته ماضي ۾ آبادگارن کي ڪيترن ئي مهينن تائين ڪمند جا پئسا نه ملندا هئا، هاڻي 15 ڏينهن ۾ ادائيگي ٿي رهي آهي. وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪامياب جوان پروگرام جي مختلف منصوبن تي روشني وڌي ۽ چيو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت 50 هزار کان وڌيڪ نوجوانن کي قرض فراهم ڪيا ويا آهن. عثمان ڊار چيو ته قرضن جي فراهمي ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آهي.