اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت محدود وسيلن جي باوجود ڪورونا جي وبا جي دوران ڪاروباري برادري ۽ ??عا??ري جي ڪمزور ??بقن کي وڌ کان وڌ ريليف فر??هم ڪيو، واپارين کي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏني وڃي ته جيئن بجيٽ جو خسارو گهٽ ۽ ترقياتي ڪمن جي لاءِ وڌيڪ فنڊز رکي سگهجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايل سي سي آءِ) جي هڪ وفد ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيمبر جي صدر ميان نعمان ڪبير جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته حڪومت واپارين کي مسقابقتي ۽ منصفاڻو ڪاروباري ماحول فر??هم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته محدود وسيلن جي باوجود حڪومت ڪوويڊ 19 جي وبا جي دوران ڪاروباري برادري ۽ ??عا??ري جي ڪمزور ??بقن کي وڌ کان وڌ ريليف فر??هم ڪيو. هن ايل سي سي آءِ تي زور ڏنو ته اها واپارين کي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن بجيٽ جي خساري کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ ترقياتي ڪمن جي لاءِ وڌيڪ فنڊز رکيا وڃن. وفد حڪومت جي ??عا??ي ڪارڪردگي خاص طور ??ي اوڳاڙين جي وصولي ۽ پر??يه?? مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وفد جي ميمبرن صدر کي پنهنجي مسئلن کان به آگاهه ڪيو. صدر يقين ڏياريو ته انهن جي شڪايت جي ازالي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو.