اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سازگار ڪار??با??ي ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن ملڪ ۾ غير ملڪي سيڙپڪارن جو ڌيان ڇڪرائي سگهجي. حڪومت پاران ڪار??با?? ۾ آساني کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ شروع ڪيل سڌارن جا نتيجا اچڻ شروع ٿيا آهن ۽ عالمي درجا بندي ۾ پاڪستان جو رينڪ 136هين پوزيشن مان بهتر ٿي 108 هين نمبر تي اچي ويو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظ??ار ڪوئيٽا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد چيمبر جي صدر فدا حسين دشتي جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته حڪومت ڪار??با?? ۽ صنعتي شعبن جي سهولت ۽ مضبوطي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ واپاري برادري ۽ معاشري جي ٻين ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته حڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت ملڪ ۾ انٽرپرينيورشپ ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪار??با??ي ادارن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 100 ارب روپيا مختص ڪيا آهن ۽ نوجوانن کي آسان شرطن تي ڪار??با??ي قرض فراهم ڪري رهي آهي. وفد صدرکي قومي ??عيشت ۾ ڪوئيٽا جي ڪار??با??ي برادري جي ڪردار ۽ درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. صدر وفد کي يقين ڏيا??يو ته انهن جي مسئلن جي حل ۾ مدد ڪئي ويندي.