بهاولپور – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آبادگار طبقي کي ملڪ جو سڀ کان قيمتي اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي مستقبل، غربت ۾ گهٽتائي ۽ خوشحالي جي لاءِ آبادگارن جي مدد اسان جو فرض آهي، آبادگار ڪارڊ هڪ انقلاب آهي، ان سان آبادگارن کي ??ڌوسنئون سبسڊي ملي سگهندي، آبادگارن جي آمدني ۾ اضافي سان پاڪستان کي فائدو ٿيندو، پيداوار وڌندي، قيمتون گهٽ ٿينديون، پاڪستان جي مستقبل جو رستو تحقيق آهي، پاڪستان کي ??ڳتي وڌڻو آهي ته غربت جو خاتمو ڪرڻو پوندو. هو آبادگار ڪنوينشن کي ??طاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري خاص معاون جمشيد چيما پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم ان موقعي تي آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ پڻ ورهايا. هن زرعي شعبي ۾ تحقيق تي اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اطهر اقبا??، پروفيسر ڊاڪٽر اقبال بندي شاهه ۽ چين مان پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر علي کي ??يوارڊ ڏنا. وزيراعظم عمران خان تقريب کي ??طاب ڪندي چيو ته 83 لک آبادگار اسان جي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، انهن جي مدد سان ملڪ ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو، هن ملڪ جي آبادگارن بابت اها مهم هلي رهي هئي ته جاگيردارن ملڪ تباهه ڪري ڇڏيو پر ملڪ ۾ رڳو 26 هزار آبادگارن وٽ 125 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين ??هي. هن چيو ته هن ملڪ جي جان آبادگار آهن، تحريڪ انصاف جي دور ۾ سڀ کان سٺو ڪم اهو ٿيو ته آبادگارن وٽ 1100 ارب رپيا اضافي ويا، ان کان اڳ ڪمند جي آبادگار کي ??گر ملز جي طاقتور هجڻ جي ڪري قيمت نه ملي رهي هئي، ملڪ ۾ قانون بدران طاقتور جي حڪمراني رهي، اسان قانون پاس ڪيو ته شگر ملز کي ڪريشنگ ڪڏهن شروع ڪرڻي آهي، جيڪي شگر ملز طئي ٿيل سيزن ۾ ڪريشنگ شروع نه ڪنديون انهن جي لاءِ سزائون مقرر ڪيون ويون. وزيراعظ?? چيو ته ملڪ ۾ آبادگارن کي ڪڻڪ، مڪئي ۽ ڪمند جي طئي ٿيل قيمت ملي. وزيراعظ?? چيو ته اسان آبادگار جي آمدني ۾ اضافو ڪنداسين ??ه ان سان ملڪ کي فائدو ٿيندو ڇو ته آبادگار ڪمائيندو ته زمينن تي لڳائيندو ۽ ان سان اسان جي پيداوار وڌندي. قيمتون گهٽ ٿينديون، ملڪ ۾ مهانگائي جو وڏو سبب کاڌي پيتي جون شيون برآمد ڪرڻ آهي. وزيراعظ?? چيو ته 1947ع ۾ پاڪستان جي آبادي 4 ڪروڙ هئي جيڪا هاڻي وڌي ساڍا 22 ڪروڙ ٿي چڪي آهي، انهي تناسب سان اسان جي پيداوار ۾ به اضافو ٿيڻ گهرجي ها، ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار ٿيڻ جي باوجود اسان 40 لک ٽن ڪڻڪ برآمد ڪئي، عالمي سطح تي کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري هتي به ان جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظ?? چيو ته اسان کي ??بادگارن جي جديد ٽيڪنالاجي ۾ مدد ڪرڻي آهي، پاڪستان جي مستقبل جو رستو تحقيق آهي، ڪنهن وقت ۾ فيصل آباد يونيورسٽي تحقيق جو وڏو نالو هو جڏهن ته آهستي آهستي ان ۾ گهٽتائي آئي. هن چيو ته پاڪستان کي ??لله تعاليٰ 12 موسمن سميت وڏين نعمتن سان نوازيو آهي، هتي هر فصل پوکي ??گهجي ٿي جڏهن ته ان بابت تحقيق جي ضرورت آهي ته ڪهڙن علائقن ۾ ڪهڙي فصل پوکي وڃي، دنيا ۾ گهٽ پاڻي سان وڌيڪ پيداوار جا نوان طريقا آيا آهن. هن پروفيسر اقبال ۽ ڊاڪٽر علي کي ڪپهه کي ??وائن کانسواءِ جيتن کان بچائڻ ۽ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ انهن جي تحقيق تي انهن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسلاميه يونيورسٽي کي ??هو ڪريڊٽ وڃي ٿو، اهي تحقيق ڪن وفاقي ۽ صوبائي حڪومت انهن کي ڀرپور فنڊز ڏيندي. وزيراعظ?? چيو ته پاڪستان کي ??ڳتي وڌڻو آهي ته غربت جو خاتمو ڪرڻو پوندو، ٿورو طبقو امير ۽ غريبن جو سمنڊ هجي ته ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، انسانيت جي گهرج آهي ته جي??ي ماڻهو پٺتي رهجي ويا آهن انهن کي مٿي اٿاريون، مديني جي رياست ۾ ڪمزور طبقن کي مٿي اٿاريو ويو، چين ??ه اهو ئي اصول اختيار ڪري 70 ڪروڙ عوام کي ??ربت مان ڪڍيو، ڀارت ۽ چين هڪ وقت ۾ برابر هئا پر چين هاڻي عالمي طاقت بڻجڻ وڃي رهيو آهي. وزيراعظ?? چيو ته آبادگارن جي مدد سان ملڪ خوشحال ٿيندو، اسان کي کاڌي پيتي جون شيون برآمد ڪرڻيون پيون آهن ان جي روڪٿام لاءِ آبادگارن جي مدد ڪرڻي پوندي، آبادگار ڪارڊ هڪ انقلاب آهي، ماضي ۾ مختلف سببن جي ڪري آبادگارن تائين پئسو پهچائڻ مشڪل ڪم هو هاڻي اسان ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو آهي، آبادگارن کي ??يڪا سبسڊي ملندي اها انهي ڪارڊ ??ي ملندي اهو پنجاب حڪومت جو اهم قدم آهي، ٻين ??وبن ۾ جتي پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، اتي به اهي ڪارڊ ڏينداسين. وزيراعظ?? چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون وڪرو ٿيون، ٽيوٽا گاڏيون وڪرون ٿيون، ان جو مطلب آهي ته ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، اسان ملڪ کي مشڪل مان ڪڍي استحڪام طرف آندو ۽ هاڻي ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي. وزيراعظ?? چيو ته مشينري جي درآمد سان پرڏيهي ناڻو ٻاهر وڃي ٿو، آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جو هڪ وڏو سبب ملڪ ۾ سرمايو وڏي انگ ۾ نه اچڻ آهي. وزيراعظ?? چيو ته منهنجي سياست ۾ اچڻ کان اڳ اهو خواب هو ته هر پاڪستاني جي لاءِ هيلٿ انشورنس جي سهولت هجي، اسان هيلٿ انشورنس جو پروگرام شروع ڪيو آهي جنهن سان هر شهري ڪنهن به سرڪاري يا نجي اسپتال ۾ 10 لک رپين ??ائين پنهنجو علاج ڪرائي سگهندو. وزيراعظ?? چيو ته سندس والده جڏهن ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هئي ته ان وقت اسان کي ??حساس ٿيو ته علاج ڪيترو مشڪل آهي، انهي جي ڪري اسان ڪينسر جي علاج جي لاءِ شوڪت خانم اسپتال ٺاهي جتي 70 سيڪڙو مريضن کي مفت علاج جون سهولتون ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ هر شهري کي ??حت ڪارڊ ڏنو پيو وڃي ائين ??مير ترين ملڪن ۾ به ممڪن نه آهي، هن ملڪ ٺاهڻ جو مقصد اسلامي فلاحي رياست هو جڏهن ته اسان ان کان پري نڪري ويا آهيون، هاڻي اسان ان مقصد طرف گامزن آهيون. وزيراعظ?? چيو ته آبادگارن کي يقين ڏياريان ٿو ته توهان جي مدد اسان جو فرض آهي، اسان پنهنجي ملڪ جي مستقبل، غربت ۾ گهٽتائي ۽ خوشحالي جي لاءِ توهان جي مدد ڪنداسين، اسان جي حڪومت هر وقت آبادگارن سان گڏ بيٺل هوندي.