اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعو??ي عرب جي وچ ۾ گڏيل تاريخي، ثقافت، روايتن، عقيدن ۽ قدرن جو ر??تو آهي، پاڪستان ڀائر ملڪ سان لاڳاپن ک?? وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿو. اها ڳالهه هن سعو??ي عرب جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ليفٽيننٽ جنرل (ر) بلال اڪبر سان ڳالهائيندي چئي جنهن هتي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، صدر چيو ته پاڪستان سعو??ي عرب سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تاريخ، ثقافت، روايتن، عقيدي ۽ قدرن جو ر??تو آهي، صدر چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ سعو??ي عرب سان ٻه طرفي لاڳاپن ک?? وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿو، ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙا خيال رکن ٿا، صدر عارف علوي سعو??ي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي نامزد سفير کي تاڪيد ڪئي ته هو سعو??ي عرب ۾ پاڪستاني برادري کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان ڏي.