اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي گ??دي واري شهر ۾ مختلف تنظيمن ۽ گروپن جي مظاهرن جي ڏس ۾ امن امان جي صورتحال کي مانيٽر ڪرڻ جي لاءِ وزارتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن جو ڪنوينر گهرو وزير شيخ رشيد احمد هوندو. گهرو وزارت پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب قانون ۽ انصاف، دفاع، ايجوڪيشن، منصوبابندي ۽ تر??ي جا وزير پڻ ڪميٽي جا ميمبر هوندا.