اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ جبوتي واپار، ثقافت ۽ دفاع ج?? شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي. ان عزم جو ورجاءُ ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي سان جبوتي پارليامينٽ جي صدر ۽ آفريقي يونين پارليامينٽ جي وقتي چيئرمين محمد علي حميد جي قيادت ۾ وفد جي ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. ايوان صدر پاران جاري پڌرائي موجب ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جبوتي ۾ پنهنجو سفارتخ??نو کولڻ ۽ ٻين آفريقي ملڪن ۾ سفارتي مشنز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جبوتي بندرگاهه تي پاڪستاني سامان ??ي جلد ڪليئرنس جي لاءِ جبوتي حڪومت جو تعاون گهربل آهي.