اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان جي نوجوانن جي معاملن واري خاص مددگار عثما?? ڊار چيو ??هي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جو اتحاد ضمني چونڊن ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويندو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ڊي ايم جون پارٽيون استعيفائن جي معاملي تي هڪ صفحي تي نه آهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پهرين پارٽي هوندي جيڪا ان اتحاد کان ڌار ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو ??هي ته سنڌ ۾ ضمني چونڊون ڪرائي جن??ن مان ثابت ٿئي ٿو ته پيپلزپارٽي اسيمبلي تان استعيفائن جي باري ۾ سنجيده نه آهي. عثما?? ڊار وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي کانسواءِ مسلم ليگ (ن) شهباز شريف گروپ به اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.