اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان خبردار ڪيو آهي ته بين الافغان ڳالهين ۾ وڌيڪ مشڪلاتون اچي سگهن ٿيون جڏهن ته ان جي لاءِ سمورين ڌرين کي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، ڳالهين واري عمل ۾ سستي ۽ ڏکيائي به اچي سگهي ٿي، ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن ڊيڊ لاڪ به پيدا ٿي سگهي ٿو، ڇو ته افغان پنهنجي مستقبل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، اهڙن م??قعن تي اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪ??دي انهن کي ياد ڏياريندا رهنداسين ته ڳالهين جي ميز تي بنا ڪنهن رت??ڇا?? جي ڊيڊ لاڪ جنگ جي ميدان جي رت??ڇا?? واري حل کان ڪيترائي ڀيرا بهتر آهي. وز??را??ظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار واشنگٽن پوسٽ جي ت??زي شماري ۾ هڪ آرٽيڪل ۾ پنهنجي راءِ ڏي??دي ڪيو. وز??را??ظم چيو ته سمورين ڌرين کي جن افغان امن عمل ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي انهن کي غيرحقيقت پسنداڻي طور تي مدو مقرر ڪرڻ جي خرابين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو عمل دخل استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. وز??را??ظم چيو ته افغانستان مان عالمي دنيا جو جلدب??زي ۾ انخلا غيردانشمنداڻو هوندو. آرٽيڪل ۾ وز??را??ظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي انهن علائقائي عنصرن کان به بچڻو پوندو جن جي امن عمل ۾ سيڙپڪاري نه آهي ۽ اهي پنهنجي جاگرافيائي مفادن جي لاءِ افغانستان ۾ عدم بدامني ڏسڻ چاهين ٿا.