اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ج?? اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير علي علي??اد?? ملاقات ڪئي ج??هن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن سميت خطي ج?? مجموعي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي ج?? ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ پائيدار سفارتي ??اڳاپا هموار آهن، پاڪستان آذربائيجان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نه رڳو ثقافتي، مذهبي ۽ جاگرافيائي هڪجهڙائي آهي پر علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ??ڪجهڙو موقف رکن ٿا، پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جا موقعا موجود آهن. قومي اسيمبلي ۾ قائم پاڪ آذربائيجان پارلياماني دوست گر??پ پارلياماني رابطن ۾ اضافي ج?? لاءِ مناسب فورم ثابت ٿي سگهي ٿو. ڪشمير جي مسئلي ج?? ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ اڻٽر آهي.