اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کي ڪرپشن بابت سوالن جو جواب پنهنجي گهر مان ئي ملي ويندو، سندس والد سري محل کان وٺي هر قسم جي ڪرپشن ڪري هاڻي بلاول کي سياست ۾ آندو آهي ته جيئن سندس ڪرپشن کي تحفظ ملي سگهي، بلاول ڀٽو پنهنجي والد کان پڇي ته ڪهڙي طرح ذوالفقار علي ڀٽو جي ملڪي سطح تي پارٽي هڪ علائقائي پارٽي بڻجي وئي آهي، مخالف ڌر ڪن کولي ٻڌي وٺي ا??هن کي اين آر او نه ملندو، مخالف ڌر جي نيب قانون بابت 38 ترميمن کي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪندڙن ڪرپشن جي نئين تشريح ڪري ڇڏي آهي ته هڪ ارب جي ڪرپشن کي ڪرپشن نه چيو وڃي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زندگي ۾ هڪ رپيو نه ڪمايو?? نه ڪ??هن جي مدد ڪئي ۽ نه ئي ڪ??هن سماجي ڪم ۾ حصو وڌو، بلاول ڀٽو زرداري اسان کان جيڪي سوال ڪري رهيو آهي هو اهي سوال ڪرڻ کان اڳ پنهنجي گهر ۽ خاندان تي نظر وجهي ته سري محل خريد ڪيو ويو، 65 ملين ڊالر جو اڪا??ون?? ڪ??هن جو آهي، ڪراچي ۾ لاتعداد ملڪيتون ڪ??هن جون آهن، اومني گروپ ڪيئن ٺهيو ته کيس ا??هن سمورن سوالن جا جواب ملي ويندا.