اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته افغانستان ۾ پا??ست??ن جي سفارتخاني کي بند ڪرڻ يا ڪابل مان سفارتڪارن کي واپس گهرائڻ جو ڪو ارادو نه آهي. ڪابل ۾ پا??ست??ني سفارتخاني تي جمعي ڏينهن ٿيندڙ حملي جي حوالي سان ميڊيا جي سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته سفارتخاني کي بند ڪرڻ يا ڪابل مان سفارتڪارن کي واپس گهرائڻ جو ڪو منصوبو نه آهي. پا??ست??ن افغانستان ۾ عبوري حڪومت سان رابطي ۾ آهي ۽ افغانستان ۾ پا??ست??ني سفارتي عملي ۽ مشنز جي حفاظت جي لاءِ حفاظتي انتظامن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي.