اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي جي گهر واري ثمينه عارف علوي چيو آهي ته سٽل آرٽ سان گڏوگڏ اسلامڪ ۽ پاڪستاني آرٽ جي ??ومي ۽ بين الاقوامي سطح تي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي. اميد آهي ته نوجوان ۽ اُڀرند?? مصور ان نمائش مان فائدو کڻندا ۽ پنهنجي صلاحيتن کي نکاريندا. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته الله تعاليٰ انسان کي تمام گهڻين صلاحيتن سان نوازيو آهي ۽ هو ان جو اظهار مختلف طريقن سان ڪري ٿو، پنهنجن جذبن کي ٻين تائين پهچائڻ لاءِ هو مصوري، خطاطي، مجسمه سازي، ڊرائينگ، ناچ، موسيقي، ادب ۽ ٻين بي شمار ذريعا استعمال ڪري ٿو. هن چيو ته فائن آرٽس ذريعي انسان پنهنجي خوبصورت جذبن جو اظهار بهتر طريقي سان ڪري سگهي ٿو. هي تخليقي جذبن جو اهڙو اظهار آهن جيڪي اسان جي زندگيءَ کي خوبصورتي ۽ خوشيءَ سان متعارف ڪرائين ٿا. هن چيو ته فائن آرٽ جي اهميت ايتري ئي آهي جيتري زندگيءَ جي اهميت آهي، هي آرٽس انسان جي ارتقا ۽ تاريخ کي جوڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن. آرٽ پنهنجي ??ختلف شڪلن ۾ قوم جي ڪلچر، ثقافت، سماجي ??درن ۽ تهذيب کي اجاگر ڪرڻ جو اهم ذريعو پڻ آهن. اسان جو اسلامي ڪلچر، ثقافت ۽ آرٽ شاندار روايتون رکندڙ آهي. اسلامي فن تعميرات ۽ خطاطي جا نمونا دنيا ۾ پنهنجي بهتر سُڃاڻپ رکن ٿا. هن چيو ته سٽل آرٽ سان گڏوگڏ اسلامڪ ۽ پاڪستاني آرٽ کي قومي ۽ عالمي سطح تي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته ان نمائش ۾ سڄي پاڪستان جي ??نڪارن جا فن پاره پيش ڪيا ويا آهن، اسان آرٽ کي هٿي ڏيڻ ۽ ان کي محفوظ رکڻ لاءِ فنڪارن جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن اميد ظاهر ڪئي ته نوجوان ۽ اُڀرند?? مصور ان نمائش مان فائدو حاصل ڪندا ۽ پنهنجي صلاحيتن کي نکاريندا. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دؤر ۾ پڻ فنونِ لطيفه جي اهميت کان انڪار ممڪن ناهي، فائن آر??س پڻ ان ٽيڪنالاجي ??ان فائدو کڻي نَون صورتن ۾ سامهون اچي رهيا آهن. هن چيو ته اسان جون ڪيتريون ئي يونيوسٽيون، ڪاليج ۽ ادارا آرٽ جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن پر ان ۾ وڌيڪ بهتريءَ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جي م??ڪ ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ موجود آهي ۽ هي فنڪار سڄي دنيا ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي م??ڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ان نمائش وانگر اهڙن فن پارن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، جن وٽ تخليقي صلاحيتن جو اظهار ڪرڻ جو هُنر هوندو آهي، انهن وٽ فنڊز نه هوندا آهن ۽ اهڙيون نمائشون اهڙن فنڪارن کي پنهنجي صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ ۽ ڏيکارڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. اهڙيءَ طرح جون نمائشون پاڪستاني فن ۽ دستڪاريءَ کي عاليمس طح تي م??بول بنائڻ ۽ پنهنجي ??ڪ سُڃاڻپ ڏيارڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿيون. ان موقعي تي هن نمائش جو افتتاح پڻ ڪيو ۽ فن پاره ڏٺا ۽ مختلف مصورن جي ??ن پارن جي تعريف پڻ ڪئي.