بيجنگ – 02 – نومبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي ناليواري چيني ڪمپنين پاڪستان ۾ گڏيل منصوبن خاص طور تي شمسي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي سميت ٻين وڏن منصوبن ۾ سيڙپڪاري جو يقين ڏياريو آهي. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سان چين جي پهرين درجي جي ڪمپنين جي نمائندن ملاقاتڪ ئي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيني ڪمپنين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ??زي??اعظم چيني ڪمپينن کي 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. ??زي??اعظم گوادر هوائي اڏي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ ان کي هلندڙ سال جي آخر تائين مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو. لاڳاپيل چيني ڪمپني ايندڙ سال جي شروع ۾ گوادر هوائي جي تعمير کي مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. ??زي??اعظم چيني سيڙپڪارن ۽ ڪمپنين جي نمائندن کي خطاب ڪندي چيو ته هو ان ڳالهه کان آگاهه آهي ته ماضي ۾ ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا جنهن تي هو معذرت خواهه آهي. هن ٻڌايو ته 11 اپريل 2022ع تي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ سندس حڪومت چيني ڪمپينن کي درپيش مسئلا حل ڪيا. چيني ڪمپينن کي واجب الادا 160 ارب رپين جي ادائيگي ڪئي وئي آهي. 50 ارب رپيا گذريل ڏينهن ادا ڪيا ويا آهن ۽ 50 ارب رپين مان ريوالونگ فنڊ ڏنو ويو آهي. ??زي??اعظم ٻڌايو ته ناڻي واري وفاقي ??زي?? اسحاق ڊار جي هدايت تي اسٽيٽ بئنڪ ريوالونگ اڪائونٽ ٺاهي ڇڏيو آهي. ادائيگين سان گڏ ئي وڌيڪ 50 ارب رپيا ان ۾ شامل ٿي ويندا. هن چين مان درآمد ڪيل ڪوئلي جي ادائيگين ۾ ماضي ۾ پيش ايندڙ مسئلن تي افسوس جو اظهار ڪيو. ??زي??اعظم يقين ڏياريو ته ديامر ڀاشا ڊيم منصوبي ۾ زمين هاصل ڪرڻ جي مسئلن کي حل ڪيو ويندو ۽ ان منصوبي جي راهه ۾ ڪا رڪاوٽ اچڻ نه ڏينداسين. ??زي??اعظم چيني شهرين کي نشانو بڻائڻ جي واقعن تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ٻڌايو ته انهن واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي مثالي سزا ملندي. ??زي??اعظم شهباز شريف يقين ڏياريو ته حڪومت چيني سيڙپڪارن جي تحفظ جي لاءِ بهترين قدم کڻندي ۽ سي پيڪ ۽ سي پيڪ کانسواءِ ٻين منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني رهواسين جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويندو ۽ سي پيڪ ۽ سي پيڪ کانسواءِ سمورن منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني رهواسين جي س??ڪي??رٽي جو هڪ معيار مقرر ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان کي چيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي سلامتي پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر عزيز آهي. ??زي??اعظم مهمند ڊيم بابت پيش ايندر ڪجهه مسئلا حل ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي. هن چيو ته 2 ڪروڙ جي آبادي واري شهر ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي تمام وڏو مسئلو آهي. وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان گڏجي ان منصوبي کي اڳتي وڌائيندي. هن چيني ڪمپنين کي آگاهه ڪيو ته حڪومتي شمسي توانائي سان 10 هزار ميگاواٽ پيدا ڪرڻ و جامع منصوبو ٺاهيو آهي. ??زي??اعظم هوا مام بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبن ۾ پڻ چيني ڪمپنين کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن چيو ته ٻارڻ جي لاڳت گهٽ ڪري تيل ۽ گئس تي خرچ ٿيندڙ وڏي ??رڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي بچت ڪري سگهبي. ??زي??اعظم پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي فروغ لاءِ چيني ڪمپنين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ جيل اءِ دلچسپي تي چيني ڪمپنين جا ٿورا مڃيا. ??زي??اعظم چيو ته هو 6 مهينن ۾ ٽي ڀيرا گوادر بندرگاهه جو دورو ڪري چڪو آهي. هن ايم ايل ون ۽ ٻين منصوبن ۾ دلچسپي ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراخدلاڻي امداد تي پڻ چيني حڪومت ۽ ڪمپنين جا ٿورا مڃيا.