ڪراچي- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجي?? انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 28180 خاندانن کي راشن بيگس ۽ 11500 متاثرن ۾ ڪمبل ورهايا وي?? آهن. هن ريليف آپريشنز جي حوالي سان تفصيل جاري ڪندي چيو ته دادو ۾ 3518 خاندانن ۾ راشن ??ا ٿيلها ورهايا وي??. اهڙي طرح مٽياري ۾ 2244، شهيد بينظيرآباد ۾ 1558، نوشهروفيروز 2503، عمرڪوٽ 1990، قمبر شهدادڪوٽ ۾ 2211، ڪشمور 1700، لاڙڪاڻو 4719، خيرپور ميرس 2827، سانگهڙ 2768 ۽ ميرپورخاص ۾ 2172 خاندانن کي راشن ??ا ٿيلها فر??هم ڪيا وي??. مجموعي طور تي 1958925 خاندانن ۾ راشن ??ا ٿيلها ورهايا وي?? آهن. امدادي سرگرمين جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين متاثرن کي 662522 خيما، 545012 پلاسٽڪ ترپال، 3423192 مڇردانيون، 804811 ليٽر منرل واٽر، 199006 پڪل کاڌي جون ديڳيون ۽ ٻيو سامان فر??هم ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير چيو ته گذريل 72 ڪلاڪن ۾ 126541 متاثر ريليف ڪيمپس مان پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃي چڪا آهن. هن وقت ڪيمپن ۾ 68711 متاثر ترسيل آهن، جنهن ۾ 16575 ٻار ۽ 10874 عورتون شامل آهن. هن چيو ته ريليف ڪيمپن ۾ متاثرن کي ٻن وقتن جو کاڌو ۽ علاج جون سهولتون فر??هم ڪيون پيون وڃن.