اسلام ڪوٽ – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ ڪوئلي ۽ گ??س جا وسيع ذخيرا موجود آهن، هوا وسيلي 50 هزار ميگ??وا?? بجلي پيدا ٿي سگهي ٿي، ٿر جي بلاڪ ٽو جي رهواسين جي لاءِ 2 نوان ڳوٺ ٺاهي اتي انهن کي جديد سهولتون فراهم ڪيون آهن. ٿر انرجي بلاڪ ٽو ۽ ٿر ڪول مائنز ٽو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ٿر ۾ 330 ميگ??وا?? جي هڪ ٻئي منصوبي جو افتتاح ڊسمبر ۾ ٿيندو ۽ ايندڙ سال جي پهرين ٽه ماهي تائين مجموعي طور تي 2640 ميگ??وا?? بجلي ٿر مان شامل ٿي ويندي. صوبي ۾ ڪوئلي ۽ گ??س جا وسيع ذخيرا موجود آهن. ونڊ ڪوريڊور ??ان 50 هزار ميگ??وا?? بجلي پيدا ٿي سگهي ٿي. شمسي توانائي جي پيداوار به سنڌ ۽ بلوچستان ?? تمام وڏي صلاح??ت آهي. ٿر جي بلاڪ ٽو جي رهواسين جي لاءِ 2 نوان ڳوٺ ٺاهي اتي انهن کي جديد سهولتون فراهم ڪيون آهن ۽ في خاندان هڪ لک رپيا منافعو به ڏنو پيو وڃي.