اسلام آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ منعقد تقريب دوران هالينڊ، ڊينمارڪ، سوئٽزرلينڊ، فن لينڊ، زمبابوي ۽ سينيگال جي نامزد سفيرن جون سفارتي سنندون وصول ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي هالينڊ جي ??فير هيني فوڪل ڊي وريس، ڊينمارڪ جي ??فير جيڪب لينولف، سوئٽزرلينڊ جي ??فير جارج اسٽينر، فن لينڊ جي ??فير هنوريپاٽي، زمبابوي جي نان ريزيڊينٽ هاءِ ڪمشنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) مارٽن چيڊونڊو ۽ سينيگال جي نان ريزيڊين?? سفير ساليونيانگ ڊائينگ پنهنجي مقرري جون سندون پيش ڪيون. ان موقعي تي انهن صدر سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. صدر پاڪستان ۾ هالينڊ جي نامزد سفير سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان هالينڊ سان مختلف شعبن ۾ ڊگهي مدي واري ۽ گهڻ رخي حصيداري جو خواهشمند اهي، هالينڊ يورپي يونين ۾ پاڪستاني مصنوعات جي ٻي وڏي برآمدي منزل آهي، اميد آهي ته هالينڊ پاڪستان جي ??ي ايس پي پلس اسٽيٽس جي لاءِ پنهنجي ??مايت جاري رکندو. صدر داڪٽر عارف علوي سان پاڪستان ۾ ڊينمارڪ جي نامزد سفير پڻ ملاقات ڪئي. صدر ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ڊينمارڪ سان سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستاني ٽيڪنالاجي ڪمپنيون پنهنجي ??ستي ۽ اعليٰ معيار جون خدمتون ۽ مصنوعات ڊينمارڪ کي پيش ڪري سگهن ٿيون، صدر اقتصادي لاڳاپا ۽ عوامي رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفر ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. صدر سان سوئٽزرلينڊ جي ??فير پڻ ملاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان سوئٽزرلينڊ سان معيشت، واپار، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ انساني امدا?? جي شعبن ۾ حصيداري کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. صدر چيو ته سوئس ڪمپنيون پاڪستان جي ??ياحت جي ??عبي ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿيون، پاڪستان ۾ سڄي دنيا مان سياحن کي راغب ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت آهي، پاڪستان سوئٽزرلينڊ جي ??ياحت ۽ مهمان نوازي جي ??نعت مان سکي سگهي ٿو. صدر سان پاڪستان ۾ فن لينڊ جي ??فير پڻ ملاقات ڪئي. صدر پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ ٻطرفو واپاري ڪاٿو وڌيڪ وڌائڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي ??رورت آهي. صدر سان پاڪستان ۾ زمبابوي جي هاءِ ڪمشنر پڻ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان زمبابوي سان زرعي، دواسازي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. صدر سان پاڪستان ۾ سينيگال جي ??فير پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان سينيگال کي اولهه آفريقي خطي جو اهم ملڪ سمجهي ٿو، هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر غيرملڪي سفيرن سان ملاقاتن دوران موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ عالمي حصيداري وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو ته عالمي برادري پاڪستان سميت ماحولياتي تبديلي کان متاثر ملڪن جي مدد ڪرڻ جو عزم ڪري. صدر سفيرن کي گرين هائوس گئسن جي ??خراج جي ڪري ايندڙ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ بابت آگاهه ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گرين هائوس گئسن جي ??خراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پاڪستان کي غيرمعمولي ٻوڏ، ٻيلن ۾ باهه، گرمي جي لهر ۽ سوڪهڙي جي ??ورتحال ۾ موسمياتي تبديليون درپيش آهن، صدر تازي ٻوڏ دوران پاڪستان جي مسلسل مدد تي عالمي برادري جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اميد آهي ته عالمي برادري ٻوڏ کان متاثر آبادي جي ??مداد، بحالي ۽ انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي لاءِ پنهنجو تعاون وڌيڪ وڌائيندي.