نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ صورتح??ل کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي لاءِ عالمي مدد جي ضرورت کي اجاگر ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي حقن لاءِ مسلسل حمايت تي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ??نهنجو ڀاءُ رجب طيب اردوان ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ??وڏ سان ٿيندڙ تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان کي مسلسل عالمي امداد جي ضرورت آهي.