اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خرلاچي افغانستان سرحد تي دهشتگردن جي خلاف فائرنگ جي مٽاسٽا ۾ شه??د ٿيندڙ جوانن جي پونئيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ش??يدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ملڪ جي حفاظت جي لاءِ جان نڇاور ڪن??ڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن نائيڪ مويز خان جي والد سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر عارف علوي نائيڪ محمد رحمان جي ڀاءُ سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي شهيد محمد رحمان جي ڀاءُ چيو ته هو پاڻ به فوج ۾ آهي ۽ ش??ادت جي خواهش رکي ٿو. ٻئي صدر عارف علوي سپاهي عرفان جي ڀاءُ سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.