اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) جي ايشيا پيسفڪ ريجن جي ميمبر ملڪن جو ٽيون ٻن ڏينهن وارو سيمينار (اڄ) اڱاري کان پارليامينٽ هائوس ۾ شروع ٿيندو. ??وم?? اسيمبلي سيڪريٽريٽ مهمانن جي آجيان، انهن جي لاءِ ??وم?? اسيمبلي هال ۾ سيٽون مخصوص ڪرڻ سميت سڀني انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا جي نمائندن لاءِ پارليامينٽ هائوس ۾ داخلا جي حوالي سان ??وم?? اسيمبلي سيڪريٽريٽ پي آر اي جي مشاورت سان فيصلو ڪيو آهي ته ??وم?? اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران ??وم?? اسيمبلي جي 43 هين سي??ن جي لاءِ ??اري ڪارڊز ڪارائتا هوندا. ان کانسواءِ ??سلام آباد ۾ رهندڙ فارن ميڊيا جي نمائندن، ايڊيٽرز، بيورو چيف، اينڪر پرسنز ۽ ڪالم نگارن کي جن جون ايس ڊي جيز تي لکڻيون آهن ۽ انهن وٽ ??وم?? اسيمبلي جي 43 هين اجلاس جا ڪارڊز موجود نه آهن کي خصوصي ڪارڊز ذريعي گهرايو ويو آهي. سيمينار جي افتتاحي تقريب 13 سيپٽمبر صبح 10 وڳي ??وم?? اسيمبلي هال م ٿيندي جنهن جو خاص مهمان وزيراعظم محمد شهباز شريف هوندو. سيمينار جي پڄاڻي واري تقريب 14 سيپٽمبر ٽپهر 3 لڳي 15 منٽن کان 4 وڳي ??وم?? اسيمبلي هال ۾ ٿيندي. ان کانسواءِ ??ن ٻن ڏينهن واري سيمينار ۾ مختلف موضوعن تي بريڪ آئوٽ سي??ن ٿيندا. ايس ڊي جيز تي آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن جي ميمبر ملڪن کي ان سيمينار جي شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۾ تاريخ جي بدترين ٻوڏ جي تباهين ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کان آگاهه ڪيو ويندو، جنهن جو بنيادي سبب عالمي موسمياتي تبديليون آهن جنهن سان پاڪستان بري طرح متاثر ٿيو آهي.