ڊيره غازي خان – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ بابت وارننگ سسٽم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ وڏن ڊيمن جي تع??ير ضروري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ٻوڏ کان متاثر علائقن جي دوري جي موقعي تي ڊيره غازي خان ضلعي ان??ظا??يا پاران ڏيندڙ بريفنگ دوران ڪيو. صدر ڊيره غازي خان ۾ 3 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي بيٺل فصل، قيمتي جاني ۽ مالي نقصان ۽ هزارين عمارتن کي پهچندڙ نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي صدر چيو ته ماڻهن جي جان ۽ مال، چوپائي مال، گهرن ۽ فصلن کي پهچندڙ نقصان جو ازالو ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن ٻوڏ بابت وارننگ سسٽم کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڊيره غازي خان ۾ جابلو ٻوڏ جي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ ڊيلي ايڪشن ڊيمن جي تع??ير تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ وڏن ڊيمن جي تع??ير ضروري آهي. صدر چيو ته حڪومت پاران ٻوڏ متاثر??ن جي نقصانن جو جلد ازالو ڪرڻ جي ضرورت آهي. فصلن جي انشورنس ڪرڻ سان آفتن سبب آبادگارن ۽ هار??ن جي نقصان کي پورو ڪري سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آبادگارن کي فصلن جي انشورنس ڪرائڻ جي ترغيب ڏني وڃي. ٻوڏ کانپوءِ بيمار??ن جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ صحت جون ضرورتون پوريون ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي.