اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پاران وفاقي ٽيڪس محتسب جي فيصلن جي خلاف داخل ڪيل 30 هڪ جهڙ??ون اپيلون رد ڪندي ايف بي آر کي هدايت ڪئي آهي ته هو غيرمستقل ليڪچررز جي پگهارن تي غيرمنصفاڻي ۽ غيرمعقول ٽيڪس ڪٽوتي جو عمل بند ڪري. صدر وفاقي ٽيڪس محتسب جي فيصلي کي برقرار رکندي چيو ته ايف بي آر پاران سيمسٽرز کان سيمسٽرز عارضي ??ور تي رکيل ليڪچررز جي 36 هزار رپيا ماهوار پگهار تي 20 سيڪڙو جي شرح سان ود هولڊنگ انڪم ٽيڪس جي وصولي غيرقانوني ۽ بدانتظامي جو عمل آهي. صدر ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته عورتن بابت پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج يا اهڙي قسم جي ٻين تعليمي ادارن جي ليڪچررز تي ود هولڊنگ ٽيڪس جو بار نه وڌ?? وڃي. هن ريجنل ٽيڪس آفيسر پشاور کي وڌ??ڪ هدايت ڪئي ته هو لاڳاپيل قانوني شقن تحت انهن ڪيسن تي ٻيهر ڪارروائي ڪري ۽ سمورن ود هولڊنگ ايجنٽس کي صدر جي فيصلي تي عملدرآمد جي لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪري ۽ 45 ڏينهن جي اندر تعميل جي رپورٽ ڏي. صدر ايف بي آر جي انهن دليلن کي رد ڪري ڇڏيو ته ليڪچررز کي ادائيگ??ون ”خدمتن“ جي زمري ۾ اچن ٿ??ون جنهن ۾ 20 سيڪڙو جي شرح سان ود هولڊنگ ٽيڪس لڳايو وڃي ٿو. هن چيو ته انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي سيڪشن 149،12 ۽ 153 (1) (b) تحت ملازمت جي ڪنهن به صورت ۾ يعني ريگيولر، ايڊهاڪ، عارضي، ڏهاڙي اجرت، هنگامي حالتن وغيره تي رکيل ملازمن کي ملندڙ اجرت کي ”پگهار“ ??ور تي ئي شمار ڪيو ويندو ۽ ”پگهار مان آمدني“??ور تي ئي ٽيڪس لڳايو ويندو. هن چيو ته ليڪچررز خدمتون حاصل ڪندڙ ادارن سان ”ملازم – مالڪ“ تعلق تحت ڪم ڪري رهيا هئا ۽ قانون موجب انهن جي اجرت کي پگهار جي برابر ئي سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان جي ڪري، انهن جي اجرت کي ”پگهار تي ٽيڪس“ جي دائري مان خارج نه ٿو ڪري سگهجي. صدر عارف علوي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڪيسن جي حالتن ۽ حقيقتن جي ڏس ۾ محتسب جا ??ڪم جائز ۽ ٺوس قانوني بنيادن تي ٻڌل هئا، تنهن ڪري ايف بي آر جي نمائندگي کي رد ڪيو وڃي ٿو.