اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف چي?? آهي ته وفاقي گادي واري شه?? جي مختلف علائقن کي ميٽرو بس سسٽم سان ڳنڍڻ جي لاءِ فزيبلٽي رپورٽ جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شه??از شريف چي?? ته حڪومت شه??ين کي بهترين، باعزت، آسان ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽس سروس جي فراهمي تي يقين رکي ٿ??. و??يراعظم چي?? ته 5 سال گذري وڃڻ جي باوجود ??شا??ر موڙ کان ايئرپورٽ تائين ميٽرو جو منصوبو مڪمل نه ٿي سگهيو. وزيراعظم چي?? ته مون ان منصوبي ۾ دير جي جاچ ۽ ڪم کي جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هن عوامي ڀلائي جي ان منصوبي ۾ دير ۽ ان جي ڪري لاڳت ۾ اضافي کي بدقسمتي قرار ڏنو. وزيراعظم چي?? ته عمران خان جي حڪومت ۾ ملڪي معيشت جا سمورا شعبا ج??ود جو شڪار رهيا.