اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ملڪ ۾ فيصلا حرام جو پئسو ٺاهيندڙ نه پر عوام ڪندي، ع??را?? خان نه رڳو پاڪستان پر امت جو ليڊر آهي، هي جنگ ع??را?? خان پاڪستان جي لاءِ نه مسلمان امت جي لاءِ کٽيندو، عوام جي خواهش آهي ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف زرداري جيل جي سلاخن جي پٺيان هجن. پريڊ گرائونڊ ۾ امر بالمعروف جلسي کي خطاب ڪندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته انسان جي سڃاڻپ ان سان ٿئي ته ان جي مخالفت ڪير ڪري رهيو آهي، هن وقت ع??را?? خان جي خلاف اهي ماڻهو بيٺل آهن جيڪي سياست ۾ حرام جو پئسو استعمال ڪري رهيا آهن، انهن مان هڪ جون ڪانپين ٽانگ رهيون آهن. ٻيو فضل الرحمان آهي جيڪو پنهنجو پاڻ کي مولانا چوي ٿو پر چوي ٿو ته جو بائيڊن دنيا جو ليڊر آهي، اهو ??ضل الرحمان جو ليڊر ٿي سگهي ٿو پر اسان جو نه آهي. وزيراعظم ع??را?? خان جي خلاف ٽيون اهو بيٺل آهي جيڪو بوٽ پالش ڪري ٿو، هاڻي بوٽ ختم ٿي ويا ته هو ??لايتي بوٽ پالش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم ع??را?? خان ڪي ملڪيتون نه ٺاهي رهيو آهي، هو ??نهنجي ٻارن جي لاءِ سياسي ملڪيتون نه ٺاهي رهيو آهي ۽ نه ئي فيڪٽريون ٺهي رهيون آهن، ع??را?? خان هن ملڪ جي نوجوانن جي جنگ وڙهي رهيو آهي. هن چيو ته هن ملڪ ۾ فيصلا حرام جو پئسو ٺاهيندڙ نه پر عوام ڪندي. هي جنگ پاڪستان جي جنگ آهي، پاڪستان 22 ڪروڙ ماڻهن جو ملڪ آهي ه?? ملڪ جي ماضي جي حڪ??را??ن جي چوري جو پئسو ملڪ کان ٻاهر پيل آهي. وفاقي وزير چيو ته ع??را?? خان دنيا کي ٻڌايو ته اسان امن سان گڏ هلڻ چاهيون ٿا پر اسان کي غلامي قبول نه آهي. هن چيو ته دنيا ۾ مسلمانن جي خلاف جنوني مهم جوئي ٿي، ڪڏهن ڪارٽون ڇپيا ۽ ڪڏهن اسان جي مقدس شخصيتن کي نشانو بڻايو ويو، بدقسمتي سان حرام کائيندڙ حڪ??را??ن کي جرئت نه هئي جو اهي معاملو اٿارين، وزيراعظم ع??را?? خان اکين ۾ اکيون وجهي چيو ته اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي ۽ واضح ڪيو ته حرمت رسول ﷺ جي لاءِ جان به قربان آهي، وزيراعظم ان ۾ سرخرو ٿيو ۽ هر سال 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف گڏيل قومن تحت ڏينهن ملهايو ويندو. هن وزيراعظم کي مخاطب ڪندي چيو ته بي اعتمادي رٿ ڪوڙي شيءَ آهي، توهان نه رڳو پاڪستان پر امت جا ليڊر آهيو، هي جنگ توهان پاڪستان جي لاءِ نه مسلمان امت جي لاءِ کٽيندا، اليڪشن 2023ع ۾ ٿينديون پر جهڙي طرح توهان قوم کي جاڳايو، منهنجي دل چوي ٿي ته اليڪشن جي تاريخ ڏئي ڇڏيو انهن کي خبر پئجي ويندي ته پاڪستان ڪنهن سان گڏ بيٺل آهي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد عوامي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته هڪ محبت اقتدار جي ه??ندي آهي ۽ هڪ محبت عوام جي ه??ندي آهي. عوام وزيراعظم سان محبت ڪري ٿي. هن چيو ته چور ۽ ڦورو گڏ ٿي ويا آهن، گينگ آف ٿري قزافي، صدام حسين ۽ اس??مه جو مال نه ڇڏيو، نواز شريف سازش ڪري لنڊن ويو، اڄ انهن جي جلسي جي حالت ڏسو ته انهن سان ڇا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته قوم مهانگائي، بيروزگاري، بجلي ۽ گئس جي مهانگائي کي برداشت ڪيو آهي پر انهن جي خواهش آهي ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف زرداري جيل جي سلاخن جي پٺيان هجن. ع??را?? اسماعيل پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ٻه چوها لنڊن ۾ لڪل آهن ۽ ٽي پاڪستان ۾ آهن.