اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پرڏيهي آفيس عمران خان کي ڌمڪي وارو پي??ام موڪليندڙ ملڪ جي سفارتڪار کي گهرائي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، چورن مال پِڙي لڳائي آهي، خيبرپختونخوا جي عوام بلدياتي اليڪشن ۾ چورن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪرپٽ ٽولو ٻاهرين سازشن ۾ مهري جي طور تي استعمال ٿي رهيو آهي، نواز شريف مودي جهڙن ماڻهن کي شادين تي گهرائيندو هو، مملڪتي وزير فرخ حبيب اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان آزاد پرڏيهي پاليسي اختيار ڪئي، پوري قوم عمران خان سان گڏ بيٺل آهي، فرخ حبيب چيو ته عوام ڪرپٽ ٽولي ۽ چورن جي چهرن کي سڃاڻي ورتو آهي، بي اعتمادي رٿ ٻاهرين طاقتن جي اشاري تي آندي وئي آهي، ٻاهرين طاقت عمران خان کي ڌمڪي وارو پي??ام موڪليو جنهن تي پرڏيهي آفيس لاڳاپيل ملڪ جي سفارتڪار کي گهرائي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، ??ن چيو ته مخالف ڌر ملڪي خودمختياري ۽ قومي غيرت تي هر قسم جو ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي، عمران خان هٿياربند فوج کي ڀارت کي منهن ٽ??ڙ جواب ڏيڻ جو چيو هو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مخالف ڌر جي بي اعتمادي رٿ ناڪام بڻائينداسين، ٻاهرين سازش جو حصو بڻجندڙن کان عوام سوال پڇيندي، ??ن چيو ته ٻاهرين سازش جي مهرن کي قوم کي جواب ڏيڻو پوندو. عوام اتحادي پارٽين کان به سوال ڪري رهي آهي، ا??ان وٽ ڪيترائي آپشن موجود آهن، ??ن چيو ته سازش ناڪام ٿيڻ تي مخالف ڌر پريشان آهي، عمران خان قومي غيرت ۽ ملڪي خودمختياري لاءِ ڄمي بيٺل آهي، ا??ان ڌمڪي واري پي??ام جو معاملو قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ به اٿاريو، ڪرپٽ سياسي ڄامڙا موجوده دور جا مير جعفر ۽ مير صادق آهن.