اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان ر??سي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي رو?? جي ٻن ڏينهن جي تاريخي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ عامر محمود ڪياني پڻ دوري ۾ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم ??مران خان ۽ رو?? جي صدر پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات هن دوري جو اهم ترين جز هوندو. وزيراعظم ??مران خان ماسڪو ۾ رو?? جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر ج?? دورو ڪندو. وزيراعظم ??مران خان سان اهم ر??سي قيادت بشمول نائب وزيراعظم، ر??سي سيڙپڪار ۽ واپاري پڻ ملاقات ڪندا. صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ وزيراعظم ??المي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ملاقات ۾ روس پاڪستان لاڳاپن خاص طور تي توانائي جي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ ايندي. وزيراعظم ??و دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. وزيراعظم ??مران خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ روس جو دورو ڪندڙ پهريون پاڪستاني وزيراعظم ??هي.