اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن سمورين سياسي پارٽين جي بئنڪ اڪائونٽس ڊيٽا گهرائي، (ن) ليگ فنڊنگ ڪيس ۾ فراريت اختيار ڪرڻ چاهي ٿي. مملڪتي وزير فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته (ن) ليگ چاهي ٿي ته انهن جي اڪائونٽس جي ڇن??ڇاڻ نه ٿئي. مملڪتي وزير فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي ڊونرز جو حساب ڏنو، وڌيڪ ڇن??ڇاڻ جي لاءِ به تيار آهي، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي اڪائونٽس جي ڇن??ڇاڻ پڻ مڪمل ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني کي پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻ گهرجي، مريم، بلاول ۽ مولانا وڏي فنڊنگ جون ڳالهيون ڪندا هئا، پي ٽي آءِ جي خلاف اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ ۾ اهڙو ڪجهه به ثابت نه ٿيو، پاڪستان ۾ سياسي پارٽين جي اڪائونٽس جي ڇن??ڇاڻ ٿيڻ خوش آئنده آهي، اليڪشن ڪميشن کي گذارش آهي ته اسٽيٽ بئنڪ کان سمورين سياسي پارٽين جي اڪائونٽس جا تفصيل وٺي. مملڪتي وزير چيو ته سياسي پارٽين جي اڪائونٽس ۾ شفافيت هجڻ گهرجي.