اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان گڏيل قومن پاران اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وز??رن جي ڪائونسل جي خصوصي اجلاس ۾ کنيل قدمن تي عمل ڪندي اف??انستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ امداد جي اپيل جي آجيان ڪئي آهي. وز??راعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گڏيل قومن پاران جاري ڪيل خبر جو حوالو ڏيندي چيو ته آئون عالمي برادري کان اف??انستان ۾ انساني بحران کان بچڻ لاءِ امداد جي اپيل ڪري ره??و آهيان جتي ماڻهو 40 سالن جي تڪرارن جي ڪري شديد مشڪلاتن جو شڪار آهن، واضح ره?? ته گڏيل قومن اف??انستان لاءِ 2022ع ۾ پنج ارب ڊالر جي امداد جي اپيل ڪئي آهي جيڪا ڪنهن به هڪ ملڪ لاءِ انساني بحران روڪڻ لاءِ سڀ کان وڏي اپيل آهي، گڏيل قومن پاران ٻڌايو ويو ته 4 ارب 40 ڪروڙ ڊالر اف??انستان جي اندر جڏهن ته 62 ڪروڙ 30 لک ڊالر اف??انستان کان ٻاهر ره??دڙن لاءِ گهربل آهن، اف??انستان جي اڌ آبادي کي هن وقت بک کي منهن ڏيڻو پئجي ره??و آهي.