اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين کي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪاميابي تائين ا??هن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ڪشمير جي خودمختياري واري ڏي??هن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشمير عوام اڄ خودمختياري جو ڏي??هن ملهائي رهي آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل 5 جنوري 1949ع تي اڄوڪي ڏي??هن تي قرارداد جي ذريعي ڪشميري عوام کي اهو حق ڏنو هو ته هو پنهنجي مرضي موجب پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهن ٿا. اڄ ڪشميري عوام سان ڪيل واع??ي کي 73 سال گذري ويا ??ر افسوس ته اهو واعدو اڃان تائين پورو نه ٿي سگهيو. چوڌري فواد حسين چيو ته گڏيل قومن جي قرارداد جا 73 سال پورا ٿيڻ تي ڀارت ڪٺ پتلي حد بندي ڪميشن جي خلاف احتجاج روڪڻ ??اء?? ڪشميري قيادت جي گرفتارين جو سلسلو شروع ڪري رکيو آهي، ڀارت ڪشمير کي هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جتي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ، حريت اڳواڻن کي نظربند ڪرڻ ۽ ڪرفيو ۽ پابنديون لڳائڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪسمير جي حد بندي مذهب جي بنياد تي تبديل ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي رهيو آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري عوام تي بدترين مصيبتون ۽ ظلم ڪيا ??يا ??ڃن، هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جا منتظر آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پنهنجا واعدا پورا ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄوڪي ڏي??هن اسان ان عزم جو اظهار ڪريون ٿا ته پاڪستان ڪشميرين کي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪاميابي تائين ان جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.