اسلام آباد – 04 جنوري (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان سان اوپن فورم جي صدر ڊاڪٽر نويد شيرواني اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ چي??رمين ايس ٽي زيڊ اي عامر هاشمي سان گڏ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي بهترين ٽي?? يونيورسٽين جي سهڪار سان سيمي ڪنڊڪٽر ۽ هائي ٽي?? انڊسٽريز جي ترقي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن صنعتن جي ترقي لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا وڃن ته جيئن ٽي??نالاجي جي علم سا?? ليس نوجوانن لاءِ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ڪري سگهجن.