پشاور – پهرين جنوري (ا?? پي پي) ڀا??تي ياترين جو گروپ مذهبي رسمون ادا ڪرڻ جي لاءِ ٽيري ڪرڪ پهچي ويو. تفصيل موجب ڪرڪ جي تعلقي بانڊه داد شاهه جي علائقي ٽيري ۾ هندو مذهب?? پيشوا شري پرم هنس جي مهاراج جي سماڌي ۽ ٽيري مندر جي بحالي (نئين سر تعمير) جو ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڙيسري ملڪ ڀا??ت جي هندو برادري جي ياترين جي ٽيري اچڻ جي سلسلي ۾ حڪومت سميت هندو ڪائونسل پاڪستان پاران ??يرمعمولي انتظام ڪيا ويا، سال 2022ع جي پهرين ڏينهن ٽيري مندر ۾ مذهبي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ ڇنڇر جي صبح دبئي کان هندو برادري جي 15 مردن ۽ عورتن ۽ ٻارن تي ٻڌل قافلو پشاور ايئرپورٽ پهتو جتان ??نهن کي باحفاظت نموني ٽيري مندر پهچايو ويو جڏهن ته اتي اڳ ۾ ئي پاڪستان ??ي سنڌ صوبي ۽ ٻين علائقن مان هندو برادري جا ماڻهو موجود هئا، ٽيري جي مقامي آبادي پاران مهمانن جي اچڻ جي لاءِ انتظام ڏسڻ لاءِ مليا ۽ مقامي آبادي جا حجرا مهمان ??انن ۾ تبديل ٿي ويا، ٻئي طرف هندو برادري جا ٻار ٽيري جي گهٽين ۾ کيڏندي نظر آيا ۽ بازارن مان ??ودو سامان پڻ خريد ڪندا رهيا ۽ هندو برادري جا ماڻهو مقامي آبادي سان گهلي ملي ويا. ان موقعي تي هندو برادري جي قانوني معاملن جي انچارج روهيت ڪمار ايڊووڪيٽ سميت ٻين ??اترين ??اڪستان ??ڪومت پاران ٽيري سميت هندوئن جي ٻين ??ذهبي جاين جي حفاظت ۽ جاين کي مذهبي سياحن جي لاءِ کولڻ جي بهتر قدم کي ساراهيو. سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ مڪمل مذهبي آزادي سان گڏوگڏ مذهبي سياحت جي فروغ سان پوري دنيا کي مثبت پيغام ملندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ??ڪومت جو اهو بهتر قدم پاڙيسري ملڪن خاص طور تي ڀا??تي حڪومت جي لاءِ پڻ هڪ مثبت پيغام آهي ۽ ڀا??تي حڪومت کي پڻ گهرجي ته اها پنهنجي ملڪ ۾ مسلمانن کي انهن جي مذهبي جاين تائين ??هچ ڏيڻ سان گڏوگڏ مذهبن ۽ انسانيت جي وچ ۾ فاصلا ختم ڪري. ٻئي طرف ڀا??ت مان 200 مرد ۽ عورت ڀا??تي ياترين جو قافلو واهگه بارڊر جي ذري??ي صبح اٽڪل 11 وڳي پاڪستان ۾ داخل ٿيو ۽ اتان لاهور هوائي اڏي کان هوائي جهاز ذريعي پشاور هوائي اڏي پهتو جتان ??هو قافلو پشاور کان ٽيري جي لاءِ روانو ٿيو.