اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته معاشر?? جي پٺتي پيل طبقن کي معياري رهائش جي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پناهگاهن ۽ احساس ڪارڊز بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان پناهگاهه کي هڪ مثالي سماجي ڀلائ?? جي منصوبي ۾ تبديل ڪري رهيا آهيون، جتي غريب کي سموريون شهري سهولتون ملي سگهن، پناهگاهن ۾ خاص طور تي سرديءَ جي موسم دوران زندگ?? جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ خصوصي انتظاميا ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته معاشر?? جي تي پٺتي پيل طبقن کي معياري رهائش جو?? سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. هن پناهگاهن ۾ مناسب حفظان صحت جي معيار ۽ صفائ?? جي بهتر سهولتن کي برقرار رکڻ جي پڻ هدايت ڪئي.