اسلام آباد/ نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??خدوم شاهه محمود ق??يشي چيو آهي ته افغانين جي منجمند اثاثن کي کولڻ سان افغانستان کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۾ مد ملندي، ذميدارڻي طرز عمل طالبان جي پنهنجي مفاد ۾ آهي، هندستان پاڪستان ۾ عدم استحڪام چا??ي ٿو، هن اسان جي خلاف افغان سرزمين کي استعمال ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ??يويارڪ ۾ جاري گڏيل قومن جي جنرل ??سي??بلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي فارن پريس ايسوسيئيشن سان ورچوئل ملاقات ڪري رهيو هو. هن چيو ته افغانستان جي صورتحال بدلجي رهي آهي، عالمي برادري کي طالبان مان ڪجهه اميدون آهن جڏهن ته ڪجهه ڌُرين جو خيال آهي ته طالبان جي موجوده قيادت اجتماعيت جي حامل نه آهي، پر منهنجي ڄاڻ موجب هاڻي افغانستان ۾ طالبان قيادت، وسعت پذير ??ي رهي آهي ان ۾ افغانستان جي ٻين قوميتن کي به شامل ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته آمريڪي قيادت موجب افغانستان ۾ انهن جو مشن مڪمل ٿي چڪو آهي، هدف حاصل ڪرڻ کانپوءِ افغانستان مان غير ??لڪي فوج جو نڪرڻ درست فيصلو هو. شاهه محمود ق??يشي جو چوڻ هو ته هندستان پاڪستان ۾ عدم استحڪام چا??ي ٿو، هندستان اسان جي خلاف افغان سرزمين کي استعمال ڪيو. جنهن جي ناقابل ترديد ثبوت اسان دنيا جي سامهون رکيا. انساني حقن جي پاسداري کي امتيازي نه ٿيڻ گهرجي. اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهيون، ڀارت اسان جي امن خواهش ۾، ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفا قدم کڻي صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير ۽ پيچيده بڻايو. پرڏيهي وزير چيو ته افغانين جي منجمند اثاثن کي کولڻ سان افغانستن کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد ملندي، عالمي برادري کي ان نازڪ تاريخي موڙ تي افغانين کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي. شاهه محمود ق??يشي چيو ته پاڪستان ڪابل مان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي ۽ شهرين جي محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد ڪئي پر بدقسمتي سان پاڪستان جي مثبت ڪوششن جو قدر نه ڪيو ويو.