اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجو پا?? کي تڪرارن کان جدا ڪري، سندس رويي تي خدشا آهن، بظاهر اليڪشن ڪمشنر حڪومتي سڌارن جي مخالف آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين، اي وي ايم تي ڄاڻي واڻي اعتراض اٿاريا ويا، اي وي ايم جي حق ۾ مثبت مواد کي ضايع ڪيو ويو، مخالف ڌر پنهنجي پيرن کان اڳتي جي سوچ رکي، بدقسمتي سان پا??ستان جي اندر اپوزيشن انتهائي نالائق ٻارن تي ??ڌل آهي جن زندگي ۾ پنهنجي ڪلاس ۾ ڪڏهن ڪو ڪم ناهي ڪيو هوندو ۽ ان کانپوءِ مهتمم سان گڏجي امتحان پاس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، اسان جا 49 سڌارا انهن کي پسند نه آهن ته اهي پنهنجا سڌارا کڻي اچن، فلپائن سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ اي وي ايم سان ڪامياب چونڊون ڪرايون ويون، اسان چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ اڳتي چونڊون صاف، شفاف ۽ منصفاڻيون ٿين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هو ڪابينا ۽ حڪومت جا فيصلا عوام تائين پهچائيندو آ??ي، پريس ڪانفرنس ۾ هو جيڪا به ڳالهه ڪندو آ??ي اها حڪومت جو موقف هوندي آهي. هن چيو ته اي وي ايم بابت اليڪشن ڪمشنر جي رويي تي اسان کي تمام گهڻا خدشا آهن، اها ڳالهه ڏٺي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي رپورٽس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حق ۾ مثبت ڊيٽا کي ضايع ڪيو ۽ اهڙا اعتراض هنيا جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهن کي اي وي ايم جي خلاف رپورٽ ڏيڻي آهي. هن ٻڌايو ته سمارٽ ميٽڪ ڪمپني اليڪشن ڪميشن کي پريزنٽيشن ڏني، ان مختلف ملڪن ۾ استعمال ٿيندڙ اي وي ايم جي ڊيٽا کي اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ڪيو. ان جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 2007ع ۾ فلپائن ۾ پيپر بيسڊ اليڪشن ٿي، ان جو نتيجو اچڻ ۾ 6 هفتا لڳا. 2010ع ۾ اتي اي وي ايم تي اليڪشن ٿي جڏهن ته 2019ع ۾ ٻيهر چونڊون ٿيون، ڪجهه ڪلاڪن ۾ انهن چونڊن جا نتيجا سامهون اچي ويا. 2007ع ۾ انهن چونڊن تي عوام جو اعتماد 35 سيڪڙو، 2010ع ۾ اهو وڌي 75 سيڪڙو جڏهن ته 2019ع ۾ 89 سيڪڙو ٿي ويو. 2007ع ۾ پيپر بيسڊ اليڪشن ۾ 1000، اليڪشن پٽيشنز فائيل ٿيون، 2010ع ۾ ڪل پٽيشنز 49 هيون جڏهن ته 2019ع ۾ 11 پٽيشنز داخل ٿيون. 2007ع جي اليڪشن ۾ 100 پرزائيڊنگ آفيسرز تشدد ۾ ماريا ويا، 2010ع ۽ 2019ع جي اي وي ايم اليڪشن ۾ اهڙو ڪو واقعو پيش نه آيو. ان ڪمپني جي اها رپورٽ انتهائي اهم آهي، ان ۾ ٻين ملڪن جون رپورٽون به شامل هيون. هن ٻڌايو ته فلپائن هڪ وڏي آبادي وارو ملڪ آهي ۽ ان جا مسئلا به اٽڪل پا??ستان سان ملندڙ جلندڙ آهن پر اليڪشن ڪميشن ان اهم مواد کي پنهنجي رپورٽ ۾ شامل نه ڪيو ۽ ان ??ي ڪڍيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 2011ع کان اهو مسلسل بحث ٿي رهيو آ??ي ته چونڊن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ اي وي ايم تي ??ڃڻ ضروري آهي. هن ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن 37 اعتراض لڳايا انهن مان 10 اعتراض اي وي ايم بابت هئا. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت ائين لڳي ٿو ته اليڪشن ڪمشنر اپوزيشن جي زبان ڳالهائي رهيو آ??ي، اي وي ايم کي جهڙي طريقي سان ڊس ڪريڊٽ ڪرڻ جي لاءِ مهم هلائي پئي وڃي، ان مان صاف ظاهر آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر انهن سڌارن جو مخالف آهي جيڪي حڪومت آڻڻ چاهي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جيڪا به اليڪشن ڪرائي اها تڪراري رهي، جتي جيڪو اميدوار هارائي ويو ان اهو ئي چيو ته اليڪشن صحيح نه ٿي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي راءِ کڻي اچن ته اهي ڇا ٿا چاهين ۽ ڪهڙي طرح چونڊون ڪرائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جا ٻيا ميمبر اڳتي ??ڌن ۽ اليڪشن ڪمشنر جي فيصلن جو جائزو وٺن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جن ادارن زبردست ڪم ڪيو آ??ي اسان کي انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، نادرا 22 ڪروڙ عوام جي ڊيٽا منظم ڪري رهي آهي، پا??ستان دنيا جو پهريون ملڪ آهي جنهن مشين ريڊ ايبل پاسپورٽ ۽ مشين ريڊ ايبل آئي ڊي ڪارڊ جاري ڪيا. هن ٻڌايو ته 18 سال جي عمر جي ماڻهو جو جڏهن سڃاڻپ ڪارڊ ٺهي ٿو ته ان جو ووٽ پا??مرادي طريقي سان داخل ٿي وڃي ٿو، اهو نادرا جو هڪ شاندار ڪارنامو آ??ي. هن چيو ته جيڪڏهن ٽيڪنالاجي کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته بحران پيدا ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته اپوزيشن زندگي ۾ پنهنجي پيرن کان اڳتي ڏسڻ جي صلاحيت پيدا ڪري. هن چيو ته ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو بل مخالف ڌر ڏٺو نه آهي، اهي پا?? وڃي ڌرڻي ۾ ويهي رهيا، پوءِ انهن کي ان وقت شرمندگي کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن ميڊيا ٽيمون حڪومت سان جوائنٽ ايڪشن ڪميشن ٺاهڻ تي راضي ٿي ويون، ان کانپوءِ انهن جي ڪهڙي حيثيت رهجي وئي. هن چيو ته هر اهو ڪم جيڪو حڪومت ??ي ڪرڻو آ??ي هي ان جي مخالفت ڪن ٿا. پارلياماني جمهوريت ۾ سدائين حڪومت ۽ مخالف ڌر ??ي ڪجهه ڳالهين تي ??نهنجي سوچ وڏي ڪرڻي پوندي آهي. هن چيو ته اسان 49 سڌارا پيش ڪيا آهن، جيڪڏهن انهن کي اهي ريفارمز پسند نه آهن ته هي پنهنجا سڌارا کڻي اچن، اسان انهن تي ڳالهه ڪري وٺون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پا??ستان جو هر شخص ان ڳالهه تي ??تفق آهي ته ملڪ ۾ موجوده چونڊ نظام ۾ تبديلي جي ضرورت آهي، جڏهن اسان سڌارا ڪرڻ وڃي رهيا آهيون ته هي هر قدم تي رڪاوٽ وجهي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بدقسمتي سان پا??ستان جي اندر مخالف ڌر انتهائي نالائق ٻارن تي ??ڌل آهي جن زندگي ۾ پنهنجي ڪلاس ۾ ڪڏهن ڪو ڪم ناهي ڪيو هوندو ۽ ان کانپوءِ مهتمم سان گڏجي امتحان پاس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هوندا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته اها ڳالهه رڪارڊ تي آهي ته 2016ع کان پا??ستان تحريڪ انصاف اليڪشن ووٽنگ مشينز ۽ چونڊ سڌارن جي حمايت ڪري رهي آهي، هاڻي اسان عملدرآمد طرف وڃي رهيا آهيون، ان تي ??خالف ڌر جيڪي ترميمون چاهي ٿي اهي اسان کي ٻڌائي، مشين ۾ ڪا گهٽتائي آهي ته ان جو به ٻڌائي پر آئون نه مڃان جي ضد صحيح نه آهي، ان سان پا??ستان ۾ جمهوريت تي عوام جو اعتبار ڪمزور ٿيندو. هن چيو ته عمران خان صاف شفاف چونڊن جي لاءِ بنيادي جدوجهد ڪئي، 2016ع ۾ چار تڪ کولڻ جو چيو ويو، هڪ جوڊيشل ڪميشن ٺهي، اهي تڪ کوليا ويا ته خبر پئي ته ڌانڌلي ٿي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پا??ستان ۾ ڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽي حڪومت ۾ رهندي سڌارن جي ڳالهه نه ڪئي، سدائين مخالف ڌر اهڙيون ڳالهيون ڪندي رهي آهي پر پهريون ڀيرو پا??ستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اقتدار ۾ رهندي سڌارن جي ڳالهه ڪري رهي آهي پر مخالف ڌر چوي ٿي ته اسان کي موجوده نظام به نه گهرجي ۽ ڇا ڪرڻو آ??ي اها به انهن کي خبر نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجو پا?? کي تڪرارن کان جدا ڪري، اهو ان جي عهدي جي منافي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان جي خواهش آهي ته اڳتي چونڊون غيرجانبدار، غيرتڪراري ۽ شفاف ٿين، ان ڳالهه تي ضد ڪرڻ ته اسان گذريل چونڊ نظام کي جاري رکنداسين، غيرمناسب نه آهي، ان جي نتيجي ۾ اسان وٽ صاف شفاف چونڊن جو تصور متاثر ٿي رهيو آ??ي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 2023ع جي چونڊن بابت فيصلو پارليامينٽ ??ي ڪرڻو آ??ي، اليڪشن ڪميشن کي نه. اليڪشن ڪميشن جا سمورا ميمبر اسان جي لاءِ محترم آهن، اسان سمجهون ٿا ته ملڪ جي مفاد ۾ صاف، شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون ڪرائڻ ضروري آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي ته اها چونڊن جي لاءِ هر وقت تيار رهي، اليڪشن ڪميشن ۾ ٻن ميمبرن جي نامزدگي ٿيڻي آهي، جڏهن اهي ٻه نوان ميمبر اچي ويندا ته اليڪشن ڪميشن مڪمل ٿيندي. هڪ ٻئي سوال تي ??ن چيو ته اسان مخالف ڌر کي اعتماد ۾ وٺي هلڻ چاهيون ٿا، ملڪ ۾ چونڊون انهي صورت ۾ بهتر ٿي سگهن ٿيون جڏهن مخالف ڌر ۽ حڪومت ان معاملي تي ??ڪ پيج تي ??وندا. مخالف ڌر ۽ حڪومت کي گڏجي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اڳتي چونڊون ڪهڙي طرح ٿيڻ گهرجن، ان جي لاءِ مخالف ڌر کي پنهنجي ڪيسن کان اڳتي ??ڌي ڪا ڳالهه ڪرڻي پوندي. 2023ع جون چونڊون سڌارن کانپوءِ ئي ممڪن ٿينديون. هڪ سوال تي ??ن چيو ته چونڊ سڌارن جي لاءِ مخالف ڌر پارٽين جا سنجيده ماڻهو اڳتي اچن، پنهنجي قيادت کي احساس ڏيارين ته چونڊ سڌارا اليڪشن جي لاءِ ضروري آهن.