لاهور – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??وڌ??ي فواد حسين سان پاڪستان فيڊرل يونين جرنلسٽس (پي ??يف يو جي) جي صدر رانا عظيم ۽ پنجاب يونين آف جرنلسٽس (پي يو جي) جي صدر شهزاد حسين بٽ جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ پي ??يف يو جي جو سيڪريٽر?? اطلاعات احتشام الحق، آل پاڪستان نيوز پيپرز ايمپلائيز ??نف??ڊريشن (ايپنڪ) جو وائيس چيئرمين نعيم مصطفيٰ، پي يو جي جو سيڪريٽري اشرف مجيد، پي ??يف يو جي جو اسسٽنٽ سيڪريٽري شاهد ??وڌ??ي، لاهور پريس ڪلب جي گورننگ باڊي جو ميمبر فاروق جوهري ۽ رانا مظهر پڻ شامل هئا. ملاقات ۾ صحافين جي مسئلن ۽ پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ??يم ڊي اي) مسودي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي ت?? اطلاعات واري وفاقي وزير ??وڌ??ي فواد حسين چيو ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي ۽ پي ??يم ڊي اي بابت صحافين جي خدشن کي ختم ڪنداسي??. ه?? چيو ته پي ??يم ڊي اي ۾ صحافي ورڪرز جي حقن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون جڏهن ته پي ??يم ڊي اي جي حوالي سان قياص آرائيون بلڪل ڪوڙ آهن، ڪنهن به ميڊيا هائوس کي بند نه پيو ڪيو وڃي. فواد ??وڌ??ي چيو ته صحافين جي لاءِ رهائشي پلاٽس ۽ آسان شرطن تي قرض جاري ڪري رهيا آهيون جڏهن ته پي ??يم ڊي اي کي آرڊيننس سان نه پر بل جي صورت ۾ آڻي رهيا آهيو??. ه?? چيو ته پي ??يم ڊي اي مسودي جي شفافيت جي لاءِ ڪميشن ٺاهينداسين جنهن جو سربراهه هاءِ ڪورٽ جو رٽائرڊ جج يا ان جي برابر عهدي جي شخصيت هوندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پي ??يف يو جي جي سيڪريٽري جنرل رانا عظيم چيو ته پي ??يم ڊي اي ۾ صحافت جي آزادي ۽ صحافين جي حقن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ پي ??يم ڊي اي جو اصل مسودو جاري ڪري ڌرين سان مشاورت ڪئي وڃي. پي يو جي جي صدر شهزاد حسين بٽ چيو ته ميڊيا ورڪرز جي ڀلائي ۽ پگهارن جي ادائيگي يقيني بڻائي وڃي، جڏهن ته صحافين کي هر صورت ۾ تحفظ فراهم ڪيو وڃي. (ايپنڪ) جي چيئرمين نعيم مصطفيٰ چيو ته پي ??يم ڊي اي بابت ميڊيا ورڪرز جي بي چيني کي ختم ڪيو وڃي.