اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ حالتون معمول تي اچڻ تائين ڀارت سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن، ڪشمير جي آزادي تائين پا??ستان ۾ ڪير سک سان ??ه ويهندو، ڀارت جي س??ورين سازشن جي باوجود پا??ستان ??ضبوط ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميرين سان ??ڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي قيادت ۾ پارليامينٽ هائوس کان ڊي چوڪ تائين ڪشميرين سان ??ڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير ڊاڪٽر بئريسٽر فروغ نسيم، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، سي ڊي اي معاملن واري خاص معاون علي نواز اعواڻ سميت ٻين وفاقي وزيرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن کانسواءِ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. ريلي جي موقعي تي سائرن وڄايا ويا ۽ هڪ منٽ جي لاءِ خاموشي اختيار ڪئي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڄ جي ڏينهن 2 سال اڳ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جو استحصال ڪيو ويو. ڀارت پنهنجي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري ڇڏيو. پا??ستان ڀارت جي ان ??دم سان اتفاق نه ٿو ڪري. هن چيو ته ڀارت جي ورڇ جنهن تي اصول تي ٿي هئي ۽ ان جي نتيجي ۾ پا??ستان ۽ ڀارت وجود ۾ آيا هئا، ڀارت ڪشمير ۾ ان اصول کي پائمال ڪيو. ان اصول موجب والاريل ڪشمير پا??ستان جو حصو بڻجڻو هو. هن چيو ته ڪشميري عوام تي ڊوگرا راڄ ۾ جيڪي ظلم ڪيا ويا ڀارت انهن ظلمن جو سلسلو اڄ به جاري رکيو آهي. هن چيو ته ڪشميرين کي پيلٽ گنز سان ??شانو بڻايو وڃي ٿو. هزارين ڪشميري پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ شهادت ماڻي چڪا آهن. هزارين عورتون بيواهه ٿيون آهن. ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو بازار گرم ڪري رکيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن پنهنجي قراردادن ۾ ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. ڪشميرين کي گڏيل قومن جي انهن قرادادن جي ڏس ۾ انهن جي خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي. دنيا ان ??عاملي تي خاموشي اختيار ڪري ورتي پر ڪشميري ان تي خاموش نه ويٺا. هر ڪشميري ٻار پنهنجي پيدائش کانپوءِ ڀارتي ظلمن جي خلاف پنهنجو آواز بلند ڪري ٿو. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم دنيا جون اکيون کولڻ جي لاءِ ڪافي آهن. آزاد ڪشمير ۾ صورتحال پرامن آهي. ميڊيا آزاد آهي. سفارتڪارن کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حالتن جي جائزي لاءِ اتان جو دورو ڪرايو ويو. بئي طرف ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ميڊيا کي وڃڻ نه ٿو ڏنو وڃي. والاريل ڪشمير جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پوءِ به آزادي جو جهنڊو بلند ڪيل آهي. ڪشمير جي آزادي تائين پا??ستان جو ڪو به شخص سک سان ??ه ويهندو. ڪشميرين پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي آهي. صدر چيو ته وزيراعظم عمران خان عالمي ??ورمن تي ڪشميرين جو ڪيس وڙهيو. پا??ستان ۽ ڪشميري عوام گڏيل قومن تي اعتماد جو اظهار ڪيو پر ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن کي پٺتي ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادي جو تناسب ت??ديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. 30 کان 40 لک غيرڪشميرين کي ڪشمير جو ڊوميسائيل جاري ڪيو ويو. ڀارت ان ??دم جي ذريعي اتي حالتون تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڀارت پنهنجي ملڪ ۾ اقليتن سان انسان سوز سلوڪ ڪري رهيو آهي ۽ اهو ئي س??وڪ ڪشميرين سان به ڪري رهيو آهي. هن ڀارت کي خبردار ڪندي چيو ته ڀارتي سازشن جي باوجود پا??ستان ??ڪ مضبوط ملڪ بڻجي اڀري رهيو آهي. پا??ستان ڪشميرين کي آزادي ڏياري رهندو. هن چيو ته ڀارت باهه سان کيڏي رهيو آهي. ڀارت ۾ غربت تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته پا??ستان تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت امن جي خواهش ڪئي پر پا??ستان ڪشمير ۾ حالتون معمول تي اچڻ تائين ڀارت سان ڳالهيون نه ڪندو. جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل قدم واپس نه ٿو وٺي ان ??قت تائين ڳالهيون نه ٿينديون. ريلي جي پڄاڻي تي شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي.