اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماحولياتي تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، در??مد?? پلاسٽڪ تي گهٽ ڀاڙڻ لاءِ جامع منصوبو بڻايو وڃي، چين جي پلاسٽڪ جي درآمد تي پابندي جي پاليسي کي به غور هيٺ آندو ??ڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ گندڪچري جي انتظام جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ خاص مددگار ملڪ امين اسلم ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو و??و ته پاڪستان ۾ ساليانو 30 ملين ميٽرڪ ٽن گندڪچرو ميونپسل سطح تي پيدا ٿيندو آهي، پلاسٽڪ ڪچرو سموري ڪچري جو 10 کان 14 سيڪڙو آهي ۽ سال 2050 تائين ان جو مقدار ٻيڻو ٿي ويندو، بريفنگ ۾ ٻڌايو و??و ته سال 2020ع ۾ پيدا ٿيندڙ 3.9 ملين ٽن پلاسٽڪ ڪچري مان صرف 30 سيڪڙو ري سائيڪل ٿيندو آهي، پاڪستان گذريل مالي سال 2.4 ارب روپين جي لاڳت جو 35651 ٽن پلاسٽڪ درآمد ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم چ??و ته ماحولياتي تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته در??مد?? پلاسٽڪ تي گهٽ ڀاڙڻ لاءِ جامع پلان جوڙيو وڃي. ان ڏس ۾ چ??ن جي پلاسٽڪ جي درآمد تي پابندي جي پاليسي کي به غور هيٺ آندو ??ڃي.