رپورٽ: شهزاد علي اڪبر
احسا?? پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ سهولتن سان ليس پن????گا??ن جو قيام معاشري جي ڪمزور طبقن جي لاءِ هڪ انقلابي قدم آهي، اهي پن????گا??ون گهرن کان پري اهڙن ماڻهن جي رهائش جون ضرورتون پوريون ڪري رهيون آهي جيڪي رهائش جا خرچ برداشت ڪرڻ جي سگهه نه ٿا رکن. وزيراعظم عمران خان جي حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر سطح تي قدم کنيا، پن????گا??ون قائم ڪرڻ به ان سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي، اهڙا ماڻهو جيڪي شديد گرمي ۽ سرديءَ ۾ کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور هئا، حڪومت انهن کي پن????گا??ن جي صورت ۾ هڪ اهڙي سهولت فراهم ڪئي جتي انهن ماڻهن لاءِ ٻه وقت جي ماني سميت رهائش جي سهولت ميسر هجي.
سيپٽمبر 2020ع کانپوءِ احساس پن????گا??ن جي ذريعي 5 لک 6 هزار 521 ماڻهو ان سهولت مان فائدو وٺي چڪا آهن جنهن مان 57 هزار 338 ماڻهن کي رهائش ۽ 4 لک 49 هزار 183 ماڻهن کي کاڌي جي سهولت فراهم ڪئي وئي، فيبروري 2021ع دوران هيستائين 51 هزار 860 ماڻهن انهن پن????گا??ن مان فائدو حاصل ڪيو، جن مان 4 هزار 718 ماڻهن کي رهائش ۽ 47 هزار 142 ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪيو ويو. وفاقي گادي واري شهر جي علائقن بهاره ڪهو، منڊي موڙ، پشاور موڙ، ترلائي ۽ ترنول ۾ قائم 5 پن????گا??ن مان هن وقت تائين 4 لک 82 هزار 30 ماڻهو فائدو کڻي چڪا آهن، جن مان 56 هزار 673 ماڻهن کي رهائش ۽ 4 لک 25 هزار 357 ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪيو ويو، حڪومت هاڻي ان منصوبي کي سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختوانخواهه تائين وڌائڻ ۾ مصروف آهي.
جهلم سان تعلق رکندڙ عامر نديم وزيراعظم عمران خان جي انهي قدم کي ساراهيندي چيو ته ان منصوبي سان غريب شهرين کي بهترين سهولت ملي آهي، اهڙا قدم تمام گهڻو اڳ کڻڻ گهرجن ها. هن پن????گا??ن ۾ فراهم ڪيل سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پن????گا??ن ۾ ماڻهن جي داخلا جو باقاعده طريقيڪار آهي، پاڪستان بيت المال هتي صفائي جا بهترين انتظام ڪيا آهي، عملو پن????گا??ن ۾ قيام ڪندڙن سان ڀرپور تعاون ڪري ٿو. هن چيو ته انهن سهولتن جي فراهمي کانپوءِ اسان جو به فرض بڻجي ٿو ته اسان عملي سان تعاون ڪريون ۽ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪريون.
صوابي ضلعي سان تعلق رکندڙ محمود حسن پن????گا??ن ۾ فراهم ڪيل سهولتن کي بهترين قرار ڏيندي چيو ته اها غريبن ۽ پورهيتن لاءِ بهترين سهولت آهي،ان کان اڳ غريب ماڻهن کي شديد سرديءَ ۾ دڪانن جي ٻاهر ۽ فوٽ پاٿن تي سمهڻو پوندو هو، هاڻي پن????گا??ن ۾ انهن کي آرامده بسترا دستياب آهن جيڪا غريبن لاءِ تمام وڏي سهولت آهي.
جي نائين پن????گا??ه جي شفٽ انچارج محمد عبيدالله عباسي ٻڌايو ته سندس انتظام هيٺ پن????گا??ه ۾ 100 بسترا آهن جتي قيام ڪندڙ ماڻهن کي رهائش ۽ کاڌي سميت طبي سهولتون به فراهم ڪيون وڃن ٿيون. هن ٻڌايو ته اهو منصوبو پاڪستان بيت المال جي نگراني هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي، پن????گا??ن ۾ هڪ باقاعده طريقيڪار تي عمل ڪيو وڃي ٿو، جنهن موجب پن????گا??ه ۾ قيام جي خواهشمند ماڻهو جو سي اين آءِ سي ورتو وڃي ٿو ان مان حاصل ڪيل معلومات موجب ڪارڊ جاري ڪيو وڃي ٿو، جنهن تي بستري جو نمبر لکيل هوندو آهي. هن ٻڌايو ته پن????گا??ه ۾ قيام ڪندڙن کي سهولت جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ٿي. عبيدالله عباسي وڌيڪ ٻڌايو ته پن????گا??ن ۾ قيام ڪندڙن مان بيمار ماڻهن جي لاءِ ”پنهنجو ڊاڪٽر“ جي نالي سان باقاعده طبي سهولت موجود آهي. پن????گا?? ۾ ڪنهن به بيمار ماڻهو کي ڏسڻ لاءِ آن لائين ڊاڪٽر دستياب هوندو آهي.
هڪ ٻي شفٽ انچارج ميمونه قريشي ٻڌايو ته پن????گا??ه ۾ ايندڙ ماڻهن جو اڳ ۾ معائنو ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن کي سينيٽائيزر ۽ ماسڪ جي سهولت ڏني وڃي ٿي. رهائش جي فراهمي ۾ بزرگ ۽ بيمار ماڻهن کي ترجيح ڏني وڃي ٿي ۽ انهن جي سهولت لاءِ اهڙا بسترا الاٽ ڪيا وڃن ٿا جتان انهن کي واش روم تائين وڃڻ ۾ تڪليف نه ٿئي.