اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي لاهور ۾ والد جي هٿان ٻن معذور پٽن جي قتل جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي مدد ۽ انهن جو خاص خيال رکڻ سمورن طبقن جي ??ميداري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب هن چيو ته والد جي هٿان ٻن معذور پٽن جي قتل جو دل ڏاريندڙ ??اقعو پڙهي تمام گهڻو ڏک ٿيو، اسان کي ان طرح جي واقعن کان بچڻ لاءِ خصوصي ماڻهن جي ??اندانن جي مدد جي ??رورت آهي.