اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ٻي لهر سبب وڌيڪ 85 ماڻهو زندگي جي بازي هارائي ويا، اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر مريضن جو تعداد 4 لک 67 هزار 222 ٿي ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر وڌيڪ 2 هزار 152 ڪيس رپورٽ ??يا?? 24 ڪلاڪن دوران 39 هزار 435 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کانپوءِ ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 38 هزار 511 ٿي ويو آهي، انهي دوران ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 85 ف??تگيون ٿي??ن، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿي??دڙن جو تعداد 9 هزار 757 ٿي ويو آهي، ڪورونا سبب متاثر 4 لک 18 هزار 958 مريض صحتياب ??يا?? سڄي ملڪ ۾ 1824 ماڻهو صحتياب ٿيا جڏهن ته 2382 ماڻهن جي حال?? ڳڻتي جوڳي آهي، واضح رهي ته هن وقت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪو به مريض وينيٽليٽرز تي نه آهي.