اس??ام آباد -29 نومبر (اي پي پي) مواصلات ۽ پوسٽل سروسز جي وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته پي ڊي ا??م جا جلسا ناڪام ٿي چڪا آهن. پشاور جلسي ۽ گلگت بلتستان ۾ ناڪامي ??ي ڪري ا??وزيشن وائڙپ جو شڪار آهي، سموري قوم ڄاڻي ٿي ته مخالف ملڪي مفاد ۾ ڪجهه به نه ڪيو آهي. اڳوڻن حڪمرانن ملڪ ۾ هڪ به اهڙو اسپتال نه ٺهرايو جتي هو پنهنجو علاج ڪرائي سگهن. اسان کي حڪومت ملڪي ته معيشت آءِ سي يو ۾ هئي. وزيراعظم عمران خان جي بهترين حڪمت عملي سبب ڪورونا جي پهرين لهر تي اثرائتي نموني ضابطو آندو ويو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مراد سعيد چيو ته عمران خان کي مزدور ۽ ڏهاڙيدار طبقي جو فڪر آهي. انهيءَ لاءِ هن سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو. احساس پروگرام وسيلي هڪ ڪروڙ 60 لک خاندا??ن کي 12 هزار رپيا امداد ڏني وئي.