نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ۽ مالديپ جي صدر ڊاڪٽر معيوزو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ترقي ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ عوام جي وچ ۾ رابط?? ۽ ??ڏيل تعاون جي ڪوششن ۾ اضافي جي ضرورت ۽ خطي جي امن، خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي گڏيل ذميواري تي اتفاق ڪيو آهي. وزي??اع??م آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي مالديپ جي صدر ڊاڪٽر معيوزو سان ملاقات ٿي. ملاقات دوران ٻن??ي اڳواڻن پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ پراڻي ۽ گهري لاڳاپن جي فروغ تي زور ڏنو. وزي??اع??م مالديپ سان واپار، سياحت، تعليم، سيڙپڪاري ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻن??ي اڳواڻن پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ اقتصادي ترقي ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ عوام جي وچ ۾ رابط?? ۽ ??ڏيل تعاون جي ڪوششن ۾ اضافي جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ٻن??ي اڳواڻن خطي جي امن، خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي گڏيل ذميواري تي پڻ اتفاق ڪيو.