اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر ۽ ڏکڻ ??زي??ستان ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروايون ڪرڻ تي سي??يو??ٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سي??يو??ٽي فورسز سان گڏ آهي. ايوان صدر جي پريس و??گ پاران جاري بيان موجب صدر اتر ۽ ڏکڻ ??زي??ستان ۾ مختلف جهڙپن دوران خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي فورسز کي ساراهيو ۽ فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر ڪاررواين دوران جان جي قرباني پيش ڪندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ جوانن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. صدر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ سي??يو??ٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رکنداسين. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سي??يو??ٽي فورسز سان گڏ آهي. صدر شهيدن جي پونيئرن سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.