اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وف??قي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي بند ڪرڻ جو ڪو به منصوبو غور هيٺ ناهي، يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي نئ??ن سر جوڙجڪ جي مختلف آپشنز تي ڪم ٿي رهيو آهي، اهڙن خيالن ج?? اظهار هن گذريل ڏينهن يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي وف?? سان ملاقات دوران ڪيو. يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ايم ڊي ۽ صنعت ۽ پيداوار واري سيڪريٽري پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. وف??قي وزير چيو ته شفافيت آڻڻ لاءِ سبسڊي جو نئ??ن طريقيڪار واضح ڪيو پيو وڃي. يو ايس سي بند ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان ڪو به هڪ طرفو قدم نه کنيو ويندو. هن چيو ته سمورا فيصلا ملازمن سميت سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان ٿيندا ۽ سرڪاري ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪيو ويندو.