اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي نائب صدر ۽ سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيئر وزير چوڌري محمد عزير جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آ??ي ته چوڌري محمد عزير آزاد ڪشمير جي سياست ۾ سرگرم سياسي شخصيت هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم مرحوم جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪندي چيو ته چوڌري محمد عزير جي لاڏاڻي سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سياست هڪ روشن ستاري کان محرو?? ٿي وئي.