اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) ??در مملڪت آصف علي زرداري قومي سطح تي ٻيلن جي شرح ۾ واڌ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي، عوام سانوڻي جي وڻڪاري مهم ?? اڳيان وڌي حصو وٺي. ايوان ??در جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ وڻڪاري مهم تحت ٻوٽا لڳائيندي ڳا??هين دوران ڪيو. ??در مملڪت بلاول هائوس ڪراچي ۾ سالياني سانوڻي جي وڻڪاري مهم تحت نم جو ٻوٽو لڳايو، 18 آگسٽ پاڪستان ۾ سانوڻي ۾ وڻ لڳائڻ جي قومي ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. ??در مملڪت چيو ته قومي سطح تي ٻيلن جي شرح ۾ واڌ جي ضرورت آهي، عوام موسمياتي تبديلي، عالمي گرمي پد ۾ واڌ جي ناڪاري اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائين. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي، نوجوان ۽ سول سوسائٽي ٻيلن جي ايراضي کي وڌائڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ ۾ مدد ڪن. ??در مملڪت چيو ته نم ماحول دوست وڻ آهي جنهن جا بيشمار ماحولياتي فائدا آهن، نم صاف هوا، ٿڌي ڇانوَ کان علاوه قدرتي طور مڇرن کي ڀڄائي ٿو. ??در مملڪت چيو ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي وزارت عظميٰ جي حيثيت سان پهرين حڪومتي دور ۾ موسميات جي وزير طور خدمتون انجام ڏنيون ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي پهرين دور ۾ وڻ لڳائڻ جي مهم جي شروعات ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ نم جا وڻ لڳايا ويا. ??در مملڪت چيو ته اڄ پاڪستان ۾ وڌندڙ گرمي پد کي نظر ۾ رکندي وڻ لڳائڻ جي ضرورت اڃا وڌيڪ وڌي وئي آهي، قوم خاص ڪري نوجوان ۽ سول سوسائٽي سانوڻي جي موسم ۾ وڻڪاري مهم ?? اڳيان وڌي حصو وٺن. ??در مملڪت چيو ته بهتر ماحول لاءِ پنهنجي پاڙن ۽ ڀرپاسي ۾ وڌ کان وڌ وڻ لڳائين. ??در مملڪت چيو ته سانوڻي جي وڻڪاري مهم ٻيلن ۾ واڌ، ملڪ ۾ ساوڪ وڌائڻ، ماحول کي صحتمند ۽ صاف بڻائڻ جو بهترين موقعو آهي. ٻيلن ۽ ساوڪ ۾ واڌ اسان جي ماحول کي اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ صحت مند ۽ محفوظ بڻائيندا. ??در مملڪت چيو ته پاڪستان مينگرووز جي بحالي جو ڪاميابي قدم کنيو آهي، سنڌ ۾ لکين ايڪڙ ايراضي تي مينگرو وز لڳايا ويا آهن، اسان مينگرووز کي وڌائڻ ۽ وڌيڪ وڻ لڳائڻ لاءِ پرعزم طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهيون. ??در مملڪت چيو ته معاشري جا سمورا طبقا گرمي پد کي گهٽ ڪرڻ، ساو?? ۽ ??يلا وڌائڻ لاءِ وڻڪاري مهم ?? اڳيان وڌي حصو وٺن.