اسلام آباد-23 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن وارو وفاقي وزير سيني??ر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ترڪيه سان هوابازي جي شعبي ۾ تعاون پاڪ ترڪيه ٻطرفن لاڳاپن جو اهم حصو ۽ پاڪستان ??ي هوابازي جي صنعت کي ترقي ڏيڻ جي حوالي سان وزيراعظم جي ويزن موجب آهي. هن اها ڳالهه ترڪي?? جي پيگاسز ايئر لائنز جي چيئرپرسن مهمت ٽي نان سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي لڪي سيمنٽ لميٽيڊ جو سي اي او محمد علي ٽبه به موجود هو. مهمت ٽي نان ترڪي?? جي هوابازي جي صنعت جي حڪمت عملي جو عمومي جائزو پيش ڪيو ۽ هُن اهم رخن تي روشني وڌي جيڪي پاڪستان ۾ هوابازي جي شعبي کي فائدو پهچائي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ايوي ايشن انڊسٽري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ترڪي?? جي تجربي ۽ مهارت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. سيني??ر محمد اورنگزيب ترڪي?? جي واپار واري وزير سان هاڻوڪي ملاقات جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ ڌرين واپار ۽ ڪاروباري تعاون جي مختلف طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته هي ملاقات پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ?? ايوي ايشن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي وسيع حڪمت عملي جو حصو آهي.