اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ترڪمانستان ٻطرفي سياسي مش??ورت جو ٽيون دور پرڏيهي وزارت ۾ م??عقد ٿيو، پاڪستان پاران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قيادت ڪئي. ترڪمانستان پاران وفد جي قيادت ڪابينا جي نائب چيئرمين ?? ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير راشد ميريدوف ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪستان ترڪمانستان جي ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو جن ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي تعاون، رابطن ۽ عوام سان عوام جا رابطا شامل آهن. هنن لاڳاپن جي مثبت رفتار جو ذڪر ڪندي قيادت جي سطح تي اعليٰ سطح جي ڳالهه ٻولهه ۽ مٽاسٽا کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين چيو ته ٻطرفي ڳالهه ٻولهه جي طريقيڪار کي پڻ مضبوط ڪنداسين. ٻنهي ڌرين سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي شعبن سميت ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ وڌائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، رابطن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترجيحي شعبن ۾ ويجها اقتصادي رابطا وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين تاپي پائيپ لائين ۽ تاپ TAP بجلي جي ٽرانسميشن لائين جي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان جي حقيقي صلاحيت موجب ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هنن ان سلسلي ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ ۽ ڪاروباري ماڻهن جي سهولت لاءِ ويزا نظام کي آزاد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بيان موجب ڌرين ٻطرفي پارلياماني رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ ثقافتي مٽاسٽا، تعليمي وظيفن بشمول سفارتڪارن جي تربيت ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻئي ملڪ گڏيل قومن ۽ اقتصادي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي ترتيبات ۾ ٻطرفي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. افغانستان ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال سميت گڏيل ڳڻتي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي.